جمهوريت عوام جو آواز آهي ۽ ان جي حفاظت سڀني تي لازم آهي: سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمهوريت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 15 سيپٽمبر تي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ يومِ جمهوريت طور ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته جمهوريت عوام جو آواز آهي ۽ ان جي حفاظت سڀني تي لازم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد هميشه عوامي حڪمراني …

ڪراچي-15 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جمهوريت جي عالمي ڏھاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته 15 سيپٽمبر تي پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ يومِ جمهوريت طور ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته جمهوريت عوام جو آواز آهي ۽ ان جي حفاظت سڀني تي لازم آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي جدوجهد هميشه عوامي حڪمراني ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ رهي آهي. جمهوري ادارن جي مضبوطي ملڪ جي استحڪام جي ضمانت آهي ۽ پاڪستان ۾ جمهوريت جي مضبوطي پيپلز پارٽي جي تاريخي قربانين جو نتيجو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته عوام جي حقِ حڪمراني کي يقيني بڻائڻ ئي حقيقي جمهوريت آهي ۽ سنڌ حڪومت جمهوري روايتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. شفافيت، انصاف ۽ عوامي خدمت ئي جمهوريت جو حسن آهن. وڏي وزير چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي ووٽ جو حق ۽ جمهوري شعور ڏنو ۽ پاڪستان کي 1973ع جو متفقه آئين جو تحفو ڏنو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو آمريت خلاف بهادريءَ سان جدوجهد ڪئي ۽ پنهنجي جان قربان ڪري عوامي حاڪميت جو جهنڊو بلند رکيو. مراد علي شاھھ چيو ته صدر مملڪت آصف علي زرداري "پاڪستان کپي” جو نعرو هڻي قومي اتحاد کي برقرار رکيو ۽ پارليامينٽ کي اختيار منتقل ڪري جمهوريت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ به جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رھيو آهي. سيد مراد علي شاهه چيو ته جمهوريت ئي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. پيپلز پارٽي سدائين آئين، پارليامينٽ ۽ عوامي حاڪميت جو دفاع ڪيو آهي ۽ پنهنجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جون جانيون نذراني طور پيش ڪيون آهن. شهيد اڳواڻن جون قربانيون جمهوريت جي بقا جي ضمانت آهن.