لاهور -14 سيپٽمبر (اي پي پي) پي ڊي ايم اي پنجاب سانوڻي جي برساتن جي 11هين اسپيل جو الورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي، ته 16 کان 19 سيپٽمبر تائين پنجاب جي مٿانهين وارن علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب سڄي صوبي جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان …
برساتن جي 11هين اسپيل جو الرٽ جاري، 16 کان 19 سيپٽمبر تائين مٿانهين وارن علائقن ۾ برساتن جو امڪان
لاهور -14 سيپٽمبر (اي پي پي) پي ڊي ايم اي پنجاب سانوڻي جي برساتن جي 11هين اسپيل جو الورٽ جاري ڪندي ٻڌايو آهي، ته 16 کان 19 سيپٽمبر تائين پنجاب جي مٿانهين وارن علائقن ۾ برساتن جو امڪان آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب جي ترجمان موجب سڄي صوبي جي ڪمشنرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي. ڊي جي پي ڊي ايم اي عرفان علي ڪاٺيا چيو آهي، ته سانوڻي جي برساتن سبب ندي نالن، ۾ چاڙهه جو خدشو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ جي هدايت کي نظر ۾ رکندي ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻيا آفيسر الرٽ رهن. ان حوالي سان صحت کاتي، آبپاشي، تعمير ۽ مواصلات، لوڪل گورنمينٽ ۽ لائيو اسٽاڪ کي به الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن شهرين کي اپيل ڪندي چيو ته خراب موسم جي صورتحال ۾ احتياطي تدبيرون اختيار ڪيو. درياهن وٽ گڏ ٿيڻ ۽ سير و تفريح کان پاسو ڪيو. آنڌاري ۽ طوفان جي صورتحال ۾ محفوظ هنڌن تي رهو، غير ضروري سفر کان پاسو ڪيو. ايمرجنسي صورتحال ۾ پي ڊي ايم اي جي هيلپ لائين 1129 تي رابطو ڪيو.











