ڪراچي-14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) نابالغ قيدين جي بهتري لاءِ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن تحت کين جديد هنري سکيا ڏيڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ اسٽيوٽا ۽ تصور اميد فائونڊيشن وچ ۾ يادداشت نامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اسٽيوٽا جي چيئرپرسن جنيد بلند سينٽرل جيل جو دورو ڪيو ۽ ٻارن …
اسٽيوٽا پاران نابالغ قيدين جي بهتري لاءِ وڏي اڳڀرائي، جديد هنري سکيا ڏيڻ جي رٿا شروع
ڪراچي-14 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ اٿارٽي (اسٽيوٽا) نابالغ قيدين جي بهتري لاءِ وڏي اڳڀرائي ڪئي آهي، جنهن تحت کين جديد هنري سکيا ڏيڻ جي رٿا شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ اسٽيوٽا ۽ تصور اميد فائونڊيشن وچ ۾ يادداشت نامي تي صحيحيون ڪيون ويون. ان موقعي تي اسٽيوٽا جي چيئرپرسن جنيد بلند سينٽرل جيل جو دورو ڪيو ۽ ٻارن سان ملاقات به ڪئي. هن چيو ته سنڌ جي 14 جيلن ۾ 24 هزار کان وڌيڪ نابالغ قيدين کي هنري سکيا ڏني ويندي، جيئن هو آزادي بعد معاشري جا ڪارآمد شهري بڻجي سگهن. جنيد بلند ٻڌايو ته اسان ٻارن کي جديد هنر سيکارڻ جو منصوبو شروع ڪري رهيا آهيون، پيغام پاڪستان پروگرام تحت 17 کان وڌيڪ هنري شعبا فعال ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته نابالغ قيدين کي هنر سيکاري معاشري ۾ نيڪ رستو اختيار ڪرائڻ ضروري آهي، ڇو ته غربت ۽ ڏوهن جو خاتمو صرف تعليم ۽ فني مهارت سان ممڪن آهي. اسٽيوٽا جي چيئرپرسن شهيد بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عوام کي هنرمند بڻائڻ جو عملي قدم شهيد بينظير ڀٽو کنيو هو، جيڪو هاڻي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اڳتي وڌايو پيو وڃي.











