وزيراعظم پاران دوحه ۾ اسرائيلي فوج پاران غيرقانوني حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ اسرائيلي فوج پاران غيرقانوني حملي، بمباري، رهائشي علائقي کي نشانو بڻائڻ ۽ معصوم شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي شديد مذمت ڪندي قطر جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي پاران دوحه …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دوحه ۾ اسرائيلي فوج پاران غيرقانوني حملي، بمباري، رهائشي علائقي کي نشانو بڻائڻ ۽ معصوم شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي شديد مذمت ڪندي قطر جي حڪومت ۽ عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ پنهنجي پاران دوحه ۾ اسرائيلي فوج پاران غيرقانوني حملي ۽ خوفناڪ بمباري، رهائشي علائقي کي نشانو بڻائڻ ۽ معصوم شهرين جي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ جي شديد مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته هن مشڪل وقت ۾ اسان جون سموريون همدرديون قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني، قطري شاهي خاندان ۽ قطر جي عوام سان آهن ۽ اسان انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. وزيراعظم اسرائيل پاران جارحيت جي ان عمل کي بنا جواز قرار ڏيندي چيو ته اهو حملو قطر جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي ۽ انتهائي خطرناڪ اشتعال انگيزي آهي جنهن سان علائقائي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان اسرائيل جي جارحيت جي خلاف قطر جي رياست ۽ فلسطيني عوام سان ڀرپور طريقي سان گڏ بيٺل آهي.