صدر آصف علي زرداري پاران دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته قطر جي خودمختياري تي اهڙي طرح جو حملو ناقابل قبول آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اسرائيلي حملي سان بيگناهه شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي ۽ جاني نقصان ٿيو، اهڙو قدم خطي جي امن جي لاءِ سنگين …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري دوحه تي اسرائيلي حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته قطر جي خودمختياري تي اهڙي طرح جو حملو ناقابل قبول آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اسرائيلي حملي سان بيگناهه شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي ۽ جاني نقصان ٿيو، اهڙو قدم خطي جي امن جي لاءِ سنگين خطرو آهي. هن چيو ته پاڪستان قطر جي قيادت ۽ عوام سان گڏ بيٺل آهي.