اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل موقف تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ۽ اداراجاتي تعاون خوش آئنده آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مورات نورتيلو ايوان صدر ۾ ملاقات …
پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل موقف تي ٻڌل آهن: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل موقف تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ۽ اداراجاتي تعاون خوش آئنده آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري سان قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مورات نورتيلو ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جا لاڳاپا اعتماد، گڏيل احترام ۽ گڏيل موقف تي ٻڌل آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطا ۽ اداراجاتي تعاون خوش آئنده آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ واپار ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي، زراعت ۽ رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. صدر قازقستان جي خطي ۾ رستي، ريل ۽ فضائي رابطن ۾ حصيداري جي آجيان ڪندي چيو ته سڌي سنئين فضائي رابطي سان ڪاروباري ۽ عوامي لاڳاپن کي هٿي ملندي. قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مورات نورتيلو چيو ته سندس دورو قازقستان جي صدر جي پاڪستان جي ايندڙ دوري جي تياري جو حصو آهي. هن پاڪستان سان حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ پڻ ڪيو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان قازقستان جي صدر جي دوري جو منتظر آهي جيڪو نه رڳو نوان موقعا پيدا ڪندو پر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط پڻ بڻائيندو.












