اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڏينهن رات محنت سبب چين مان سيڙپڪاريءَ جو سلسلو جاري آهي، روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ ويليو ايڊيشن اڻٽر آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ نئون ٽيڪنيڪل اسسٽنٽس سينٽر قائم ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ميرپور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ملڪ …
وزيراعظم جي محنت سان چين مان سيڙپڪاريءَ جو سلسلو جاري آهي: هارون اختر خان
اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار هارون اختر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڏينهن رات محنت سبب چين مان سيڙپڪاريءَ جو سلسلو جاري آهي، روانگي واپار ۾ واڌ لاءِ ويليو ايڊيشن اڻٽر آهي. آزاد ڄمون ڪشمير ۾ نئون ٽيڪنيڪل اسسٽنٽس سينٽر قائم ڪيو ويندو. هن اها ڳالهه ميرپور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدر سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ملڪ جي نئين صنعتي پاليسي،چين سان گڏيل منصوبي (جوائنٽ وينچرز)، ٽيڪسٽائل سيڪٽر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن، سولر سسٽم ۽ بيٽري بڻائڻ جي سگهه ۾ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جي ويزن تحت پاڪستان ترقيءَ جي راهه تي گامزن آهي. وزيراعظم جو تازو چين جو دؤرو انتهائي مفيد ثابت ٿيو آهي جنهن سان نون گڏيل منصوبن جا دروازا کُلندا. هارون اختر چيو ته اي جي ڪي ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي ترقيءَ جا وسيع موقعا موجود آهن. ميرپور چيمبر جي صدر نئين صنعتي پاليسي جي جوڙجڪ تي هارون اختر کي مبارڪون ڏنيون ۽ اهو اعلان ڪيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو هڪ وفد جلد سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن جي موقعن تلاش ڪرڻ لاءِ چين روانو ٿيندو. ان کان اڳ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريءَ جي هڪ وفد پڻ خاص مددگار سان ملاقات ڪئي.












