ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪي دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال اڃا تائين غيرمعمولي آهي پر سنڌ حڪومت بروقت قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت جي ٻوڏ صورتحال تي ڏينهن رات نظر آهي، سڀ لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ سمورا رليف کاتا گڏيل حڪمت …
سنڌ حڪومت جي ٻوڏ صورتحال تي ڏينهن رات نظر آهي، سڀ لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ آهن: شرجيل ميمڻ
ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر، اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ملڪي دريائن ۾ پاڻي جي صورتحال اڃا تائين غيرمعمولي آهي پر سنڌ حڪومت بروقت قدم کنيا آهن، سنڌ حڪومت جي ٻوڏ صورتحال تي ڏينهن رات نظر آهي، سڀ لاڳاپيل ادارا هاءِ الرٽ آهن. هڪ بيان ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت، ضلعي انتظاميا ۽ سمورا رليف کاتا گڏيل حڪمت عملي تحت ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو تھ سنڌ حڪومت لاءِ عوام جي جان ۽ مال کان وڌيڪ ڪجهھ به اهم ناهي، ۽ ماڻهن ۽ سندن ملڪيت جي تحفظ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪچي جي علائقن مان وڌيڪ 7,724 ماڻهو محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 141,611 ماڻهو ڪچي جي علائقن مان محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي چڪا آهن. هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي قائم ڪيل 159 فڪسڊ ۽ موبائل هيلٿ ڪيمپن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 4,894 ماڻهن کي علاج جون سهولتون ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته هن وقت تائين مجموعي طور 50,040 ماڻهن کي انهن ڪيمپن مان علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. شرجيل انعام ميمڻ وڌيڪ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8,577 ڍور محفوظ جڳهن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 388,940 ڍوري امڪاني ٻوڏ کي نظر ۾ رکندي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 36,881 ڍورن جي ويڪسينيشن ۽ علاج ڪيو ويو آهي ۽ مجموعي طور هن وقت تائين 974,825 ڍورن جي ويڪسينيشن ۽ علاج ٿي چڪو آهي.











