سنڌ صوبي ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد اميدوارن جي فهرست شايع

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل شيڊول موجب سنڌ صوبي ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد اميدوارن جي فهرست شايع ڪئي وئي آهي. صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڪل 67 سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون هيون، 29 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، هاڻ باقي 38 سيٽن تي 24 سيپٽمبر 2025ع اربع ڏينهن پولنگ ٿيندي. ان سلسلي ۾ …

ڪراچي-09 سيپٽمبر (اي پي پي) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي جاري ڪيل شيڊول موجب سنڌ صوبي ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ اميدوارن جي هٿ کڻڻ بعد اميدوارن جي فهرست شايع ڪئي وئي آهي. صوبي جي مختلف ضلعن ۾ ڪل 67 سيٽن تي چونڊون ٿيڻيون هيون، 29 سيٽن تي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن، هاڻ باقي 38 سيٽن تي 24 سيپٽمبر 2025ع اربع ڏينهن پولنگ ٿيندي. ان سلسلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ سڀني ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرن، رٽرننگ آفيسرن ۽ پولنگ عملي کي هدايتون جاري ڪندي چيو آهي ته هو چونڊ عمل دوران سُجاڳ رهن. ان موقعي تي هن وڌيڪ چيو ته سڀ دستياب وسيلا ڪتب آڻيندي پرامن ،صاف، شفاف ۽ آزاداڻيون چونڊن ڪرائڻ کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو وڃي.