پائيدار ترقيءَ لاءِ جدت کي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمگير قائد بڻجڻ جو اهل آهي: احسن اقبال

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پائيدار ترقيءَ لاءِ جدت کي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي، تبديليءَ ۾ علم ۽ تحقيق جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمگير قائد بڻجڻ جو اهل آهي، اسان بدقسمتيءَ سان سياست کي سوشل ميڊيا جي راند بڻائي ڇڏيو آهي. هن اها ڳالهه …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پائيدار ترقيءَ لاءِ جدت کي اختيار ڪرڻ اڻٽر آهي، تبديليءَ ۾ علم ۽ تحقيق جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان جو مستقبل روشن آهي، پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمگير قائد بڻجڻ جو اهل آهي، اسان بدقسمتيءَ سان سياست کي سوشل ميڊيا جي راند بڻائي ڇڏيو آهي. هن اها ڳالهه ڊجيٽل مينيوفيڪچرنگ جي موضوع تي 30هين عالمي سمٽ جي افتتاحي سيشن کي مهمان طور خطاب ڪندي ڪئي. هن چيو ته پائيدار ترقي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جدت ضروري آهي، اسان جو نسل تختي کان فائيو جي تائين جو سفر ڏٺو آهي جيڪو ڇهن ڏهاڪن تي ٻَڌل آهي، ايندڙ دؤر ۾ ڏهاڪن جو سفر ڇهن سالن کان به گهٽ مدي ۾ مڪمل ٿيندو، مستقبل تي نظر رکندڙ هر ملڪ کي ان تبديلي ۽ جدت کي اختيار ڪرڻو پوندو، اسان کي تبديليءَ جو نشانو بڻجڻ بدران تبديليءَ مان فائدو کڻڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته جڏهن اسان 1998ع ۾ ويزن 2010ع بڻايو ته ان ۾ اسان انهن سمورن معاملن جو احاطو ڪيو جيڪي اسان کي اڄ درپيش آهن پر بدقسمتيءَ سان ٻن سالن کانپوءِ ملڪ ۾ هڪ تبديلي آئي جنهن سڄي ڪوششن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ اُڇلائي ڇڏيو. 2013ع ۾ جڏهن اسان کي ٻيهر حڪومت ملي ته اسان سڄي ملڪ مان هڪ هزار ذهن گڏ ڪيا ۽ ويزن 2025ع بڻايو جنهن جو هدف اهو هو ته 2025ع تائين اسان کي ملڪ کي دنيا جي 20 وڏين معيشتن ۾ شامل ڪرڻو آهي، 2017ع ۾ پاڪستان جو گلوبل برانڊ سي پيڪ هو، پوءِ سڄي ملڪ ۾ هڪ مهانگو ترين تجربو ڪيو ويو ۽ هڪ ايٽمي طاقت واري ملڪ جي چاٻي هڪ اهڙي ڊرائيور جي حوالي ڪئي وئي جنهن کي هڪ يونين ڪائونسل کي هلائڻ جو به تجربو نه هو، جڏهن گاڏي اناڙي ڊرائيور جي حوالي ڪئي وڃي ته هو صرف ايڪسيڊنٽ ئي ڪندو. ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ترقي ۽ اؤسر جي جيڪا رفتار ٺهي هئي اها رڪجي وئي، اهي دوست ملڪ جيڪي اسان جي پٺڀرائي ڪري رهيا هئا ۽ جن هڪ اهڙي ملڪ ۾ 25 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي جنهن ملڪ ۾ سندن وڏا وڏا سيٺ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا، اسان انهن دوست ملڪن تي ڪرپشن جا الزام لڳايا ۽ انهن کي سيڪنڊ لائنز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ـ چيني سيڙپڪارن کي هتان کان پنهنجي سيڙپڪاري ويٽنام، لائوس ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪرڻ تي مجبور ڪيو. وفاقي وزير چيو ته سياست سوشل ميڊيا جي راند ناهي اسان بدقسمتيءَ سان سياست کي سوشل ميڊيا جي راند بڻائي ڇڏيو آهي، سوشل ميڊيا ملڪ جي تقدير جا فيصلا ناهي ڪندي، سوشل ميڊيا صرف تفريح لاءِ آهي، جڏهن ملڪ جي تقدير جا فيصلا سوشل ميڊيا ذريعا ڪيا وڃن ته اهوئي انجام ٿيندو آهي جيڪو اسان جو ٿيو آهي. پهرين اپريل 2022ع تي ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ناڻي وزارت ترقياتي بجيٽ جي آخري ٽه ماهي جي قسط جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ـ چيو ته اسان وٽ رليز ڪرڻ لاءِ هڪ رپيو به ناهي، ان جو مطلب هي آهي ته پهرين اپريل 22ع ۾ پاڪستان اندروني طور تي ڊيفالٽ ڪري چڪو هو. ڪامياب ايڪو سسٽم تي ڀاڙڻ امن، سياسي استحڪام پاليسين ۾ تسلسل ۽ سڌارن ۽ جدت لاءِ عزم تي آهي. هن چيو ته اُڏام پاڪستان تحت 2035ع تائين ملڪ کي هڪ ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻو آهي، اُڏام پاڪستان ۾ سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل سگهه ۾ واڌ کي بنيادي ٿنڀن جي حيثت حاصل آهي، اڄ هر ڪو مصنوعي ذهانت جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، 2017ع ۾ اسان مصنوعي ذهانت، سائبر سيڪيورٽي، بگ ڊيٽا ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ، آٽوميشن اينڊ روبوٽڪ، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي اينڊ جي آءِ ايس ۽ اپلائيڊ ميٿميٽڪس، جينومڪس جا نيشنل سينٽرز  بڻائڻ ۽ نيشنل سينٽر فار نينو ٽيڪنالاجي بڻائي رهيا هئاسين ته حڪومت ختم ٿي وئي، هلندڙ سال ۾ نيشنل سينٽر فار نينو ٽيڪنالاجي، نيشنل سينٽر فار ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ ۽ نيشنل سينٽر فار نيو مينيوفيڪچرجنگ قائم ڪيا پيا وڃن ته جيئن نئين صنعتي انقلاب لاءِ ملڪي صنعتن کي تيار ڪري سگهجي. ان سان گڏوگڏ اسلام آباد ۾ ڪوانٽم ويلي قائم ڪئي پئي وڃي جيڪا مستقبل جي سليڪون ويلي بڻجندي، جتي گڏجي انٽرپرينيئور، اڪيڊميز ۽ وينچر ڪيپيٽڪسٽس جي جدت جي سفر کي اڳتي وڌائي سگهبو. هن چيو ته اسان کي جدت ذريعي پنهنجي مصنوعات جي مارڪيٽنگ تي ڌيان ڏيڻو آهي، اسان کي پنهنجي صنعتن کي ٽيڪنالاجي ذريعي چٽاڀيٽي وارو بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻو آهي، ان لاءِ صنعتن ۽ اڪيڊميا وچ ۾ سهڪار ضروري آهي، ان مقصد لاءِ حڪومت هائر ايجوڪيشن ۽ ٻين ادارن سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. ڪاميابيءَ جي سفر کي جاري رکڻ لاءِ جدت ۽ آر اين ڊي تي ڌيان ڏيڻ ضروري آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جو مستقبل روشن آهي ۽ انشاءَ الله پاڪستان ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ عالمگير قائد بڻجڻ جو اهل آهي، جيڪو ملڪ ڪجهه نه هئڻ باوجود ايٽم بم بڻائي سگهي ٿو جيڪو ملڪ جي ايف 17 جهاز بڻائي سگهي ٿو، اهو صنعتي شيون ڇو نٿو بڻائي سگهي.