پاڪستان- ترڪيه ٽيڪسٽائل ٽيڪنالاجي سينٽر فيصل آباد ۾ قائم، آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل اڪانامي ۾ گڏيل سهڪار وڌايو ويندو: ڄام ڪمال خان

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان- ترڪيه ٽيڪسٽائل ٽيڪنالاجي سينٽر فيصل آباد ۾ قائم ڪيو ويندو، نوجوانن لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرمز شروع ڪيا پيا وڃن، آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل اڪانامي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌايو ويندو. اهڙو اظهار هن 16هين پاڪ- ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي صدارت وفاقي وزير ڄام …

اسلام آباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان- ترڪيه ٽيڪسٽائل ٽيڪنالاجي سينٽر فيصل آباد ۾ قائم ڪيو ويندو، نوجوانن لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ پروگرمز شروع ڪيا پيا وڃن، آءِ ٽي ۽ ڊجيٽل اڪانامي ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار کي وڌايو ويندو. اهڙو اظهار هن 16هين پاڪ- ترڪيه گڏيل وزارتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس جي صدارت وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ ترڪيه جي بچاءَ واري وزير ياشار گولرني ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ معاشي سهڪار وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ناتن کي نئين جدت ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته ٻئي ملڪ قدرتي طور ڀائيوار آهن، اسپيشنل انويسٽمينٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل ترڪيه جي سيڙپڪارن جي ڀرپور معاونت ڪندي. هن چيو ته پاڪستان ترڪيه جي سيڙپڪاري کي خاص اقتصادي زونز ۾ سهولتن جي آڇ ڪئي ۽ شمسي، هوا ۽ پن بجلي جي شعبن ۾ گڏيل منصوبن تي اتفاق ڪيو ويو. ڄام ڪمال خان چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ تيل ۽ گيس جي ڳولا ۽ ايل اين جي واپار کي به وڌايو ويندو. هن چيو ته ٻئي ملڪ نجي شعبي کي سيڙپڪاريءَ لاءِ راضي ڪن، هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل بئنڪ ايبل منصوبن جي تجويز به ڏني. ڄام ڪمال خان چيو ته ترڪيه جي دفاعي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ساراهه جوڳي آهي. هن دفاعي پيداوار ۽ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر تي ٻَڌل قدمن جو به اعلان ڪيو. واپار واري وزير چيو ته اجلاس ۾ زراعت جي شعبي ۾ گڏيل منصوبن تي اتفاق ڪيو ويو، سيڊ ٽيڪنالاجي، فوڊ پراسيسنگ ۽ چوپائي مال ۾ سهڪار وڌايو ويندو، ان کان علاوه لائيو اسٽاڪ ۽ ماهيگيري ۾ سيڙپڪاري تي به اظهارن جو خيال ڪيو ويو. وفاقي وزير فارماسيوٽيڪل، بائيو ٽيڪنالاجي ۽ ميڊيڪل ڊوائيسز ۾ سهڪار جي تجويز پڻ پيش ڪئي. هن چيو ته Heal in Trkiye صحت سياحت لاءِ نئون پُل ثابت ٿيندو، تعليم ۽ تحقيق ٻنهي ملڪن لاءِ ترجيحي شعبو آهي. ڄام ڪمال خان چيو ته اِي ڪامرس، فِن ٽيڪ ۽ـ مصنوعي ذهانت ٻنهي ملڪن جي سهڪار جو حصو هوندا، سائبر سيڪيورٽي لاءِ گڏيل قدم شروع ڪيا ويندا. هن چيو ته اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس ۽ ميري ٽائم لنڪچز ۾ ڀائيواري تي اتفاق ڪيو ويو، ايوي ايشن پارٽنرشپ ۾ توسيع تي به ٻئي ملڪ متفق آهن. واپار واري وزير پاڪستاني هنرمند افرادي سگهه کي ترڪيه ۾ سهولت ڏيڻ جي تجويز غور هيٺ آهي، ان کان علاوه گڏيل ميڊيا پروڊڪشن ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پُرعزم آهن. فلسطيني عوام جي آزاديءَ واري جدوجهد جي ڀرپور حمايت جاري رکي ويندي. هن جي ايم سي جي پروٽوڪول کي ٻنهي ملڪن لاءِ روڊ ميپ قرار ڏنو.