حيدرآباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي مُختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري مُسلسل برسات سبب هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڪيترين ئي جاين تي وڄ ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، حيدرآباد ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي اسپتال حيدرآباد جي گائني وارڊ جي ورانڊي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهُوءَ زخمي ٿي پيا. اي پي پي جي رپورٽ مُوجب سنڌ ۾ جاري مُسلسل …
سنڌ جي مُختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري مُسلسل برسات سبب هنگامي صورتحال پيدا، حادثن ۾ ڪيترائي ماڻهُوءَ فوت
حيدرآباد-09 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي مُختلف علائقن ۾ ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري مُسلسل برسات سبب هنگامي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، ڪيترين ئي جاين تي وڄ ڪرڻ سبب جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، حيدرآباد ۾ شاه عبداللطيف ڀٽائي اسپتال حيدرآباد جي گائني وارڊ جي ورانڊي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب ڪيترائي ماڻهُوءَ زخمي ٿي پيا. اي پي پي جي رپورٽ مُوجب سنڌ ۾ جاري مُسلسل برسات سبب صورتحال خراب ٿي وئي آهي، بدين، ٺٽو، ميرپُور خاص، ٽنڊو محمد خان، ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، دادو، ڄامشورو سميت مُختلف شهرن ۾ جاري برسات سبب ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن جن سان آبادگارن کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي. حيدرآباد ۾ ڀٽائي اسپتال جي گائني وارڊ جي ورانڊي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب اتي موجود عورتون ۽ مرد زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ ايڌي سينٽر حيدرآباد جي ترجمان جو چوڻ آهي ته برسات جي ڪري گائني وارڊ جي ورانڊي جي ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب 10 کان 15 ماڻهو زخمي ٿي پيا جن کي اتي موجود ايڌي جي رضا ڪارن هنگامي طور تي ڀٽائي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ منتقل ڪري ڇڏيو. زخمين ۾ عورتون ۽ مرد شامل آهن جڏهن ته اسپتال جي انتظاميه جو چوڻ آهي ته چاپڙ ڪرڻ سبب ٻه عورتون معمولي زخمي ٿيون آهن جن کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي. جڏهن ته سنڌ ايمرجنسي ريسڪيو سروس جي ترجمان مُوجب حيدرآباد ۾ تيز برسات ۽ طوفان جي ڪري مختلف هنڌن تي هنگامي صورتحال پيدا ٿي پر ريسڪيو ٽيمن بروقت ردعمل ڏيندي هر هنڌ ڪاميابي سان هنگامي صورتحال کي منهن ڏنو. ترجمان موجب شهر جي مختلف علائقن ۾ وڻ ڪري پيا هئا جن کي فوري طور تي رستن تان هٽائي ٽريفڪ کي بحال ڪئي وئي، برسات جي پاڻي ۾ ڪيتريون ئي گاڏيون ڦاسي پيون جن کي ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو، ڪجهه گهرن ۾ نانگ گهڙي آيا جن کي پڪڙي گهرن مان ٻاهر ڪڍيو ويو جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي بجلي جي شارٽ سرڪٽ ۽ ٻين سببن جي ڪري باهيون لڳي ويون جن کي فوري طور تي وسايو ويو. ترجمان موجب هيٺاهين وارن علائقن جي گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو جنهن جي ڪري ڪجهه ماڻهو پاڻي ۾ ڦاسي پيا هئا جن کي پاڻي مان ڪڍي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو. ترجمان موجب ريسڪيو اهلڪارن سخت موسم جي باوجود پنهنجيون ذميواريون ڀرپور نموني سان ادا ڪيون ۽ شهرين کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي. جڏهن ته حيدرآباد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ وقفي وقفي سان هلڪي ۽ تيز برسات جو سلسلو جاري رهڻ جي ڪري شهر جا اڪثر علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن بجلي جي اکٻوٽ به جاري رهي. شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ سُومر رات کان بند ٿيل بجلي اڱاري جي ڏينهن منجهند تائين به بحال نه ٿي سگهي هئي. برسات واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي شهر جا سرڪاري توڙي غير سرڪاري تعليمي اداره بند ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف ضلعي انتظاميه ۽ بلدياتي اداري جون ٽيمون مختلف علائقن مان پاڻي جو نيڪال ڪرڻ ۾ مصروف آهن، حيدرآباد ضلعي انتظاميه گذريل 24 ڪلاڪن دوران حيدرآباد شهر، ٻهراڙي، قاسم آباد ۽ لطيف آباد تعلقن ۾ پيل برسات جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ جو چوڻ آهي ته سڀ کان وڌيڪ برسات تعلقه لطيف آباد ۾ 280 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، اهڙي ريت تعلقي سٽي ۾ 268 ملي ميٽر، تعلقي ٻهراڙي ۾ 158 ملي ميٽر ۽ تعلقه قاسم آباد ۾ 185 ملي ميٽر برسات پئي. جڏهن ته مٽياري جي ڊپٽي ڪمشنر محمد يوسف شيخ جي هدايتن تي ضلعي جي ٽنهي تعلقن جا اسسٽنٽ ڪمشنر فيلڊ ۾ موجود آهن ۽ پنھنجن حدن ۾ برساتي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏوگڏ برساتي پاڻي جي نيڪال جي ڪم جي نگراني پڻ ڪري رھيا آھن.ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا مظاھر علي ٻرڙو هالا شھر جي مختلف بازارن، پاڙن ۽ ھيٺياھن وارن علائقن جو دورو ڪري پاڻي نيڪال جي ڪم جو معائنو ڪيو. هن ٽائون ڪميٽي جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته برساتي پاڻي جي فوري نيڪال لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪن ۽ نيڪال وارين مشينن کي بجلي وڃڻ جي صورت ۾ اسٽينڊ باءِ جنريٽرن ذريعي فعال رکن ته جيئن ماڻھن کي ڪا تڪليف نه ٿئي.ساڳي طرح اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالستار شيخ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر سعيدآباد عبدالشڪور سولنگي پڻ پنهنجي پنهنجي تعلقن ۾ علائقن ۾ موجود آهن ۽ برساتي صورتحال جو جائزو وٺي پاڻي جي نيڪال واري ڪم جي نگراني ڪري رهيا آھن. هنن واضع ڪيو ته برسات سبب هن مهل تائين ڪوبه علائقو ٻڏل ناهي جڏھن ته ڪٿي به برسات جو پاڻي بيٺل هوندو ته پاڻي جي نيڪال لاءِ ترت قدم کنيا ويندا ۽ لاپرواهي ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. جڏهن ته سکر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري برسات سبب 06 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪنڌرا لڳ ڀٽائي ڏنو ميتلو ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ گهر ۾ قهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن موجب برساتي پاڻي سبب بجلي جي تارن ۾ شارٽ سرڪٽ ٿيو، جنهن جي ڪري حادثو پيش آيو.ضلعي انتظاميه ۽ پوليس ذريعن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران سکر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب پيش آيل مختلف واقعن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن. انهن واقعن ۾ گهڻو ڪري بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ ۽ گهرن جون ڪمزور ڇتيون ڪرڻ شامل آهن. ڪيترن ئي زخمين کي سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر سکر نادر شهزاد خان جي خاص هدايتن تي، اسسٽنٽ ڪمشنر سکر سٽي صوبيا فلڪ رائو ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر روهڙي ماجد علي گهانگهرو لاڳاپيل مختيارڪارن ۽ مختلف کاتن جي عملدارن سان گڏجي علي واهڻ روهڙي پي-پوائنٽ جو دورو ڪيو، جتي ٻوڏ جي مجموعي صورتحال، متاثرن لاءِ قائم ڪيل ريسڪيو ڪيمپ، مال مويشيءَ جي سهولتن ۽ ٻين انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ دوري دوران اسسٽنٽ ڪمشنرز ۽ ريونيو آفيسرن ذاتي طور تي مال مويشيءَ کي ويڪسين لڳائڻ واري عمل جي نگراني ڪئي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن آفيسرن کي ڪيمپ ۾ جانورن جي ويڪسينيشن ۽ بيمارين جي روڪٿام لاءِ جاري قدمن بابت بريفنگ ڏني. ڪيمپ عملي آفيسرن کي آگاهي ڏيندي ٻڌايو ته ٻوڏ متاثر ماڻهن لاءِ رهائش، راشن، طبي سهولتون ۽ مال مويشيءَ جي سنڀال لاءِ ضروري انتظام ڪيا ويا آهن. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنرن ڪيمپ عملي کي هدايتون ڏيندي زور ڀريو ته هو مڪمل طرح سان هوشيار رهن ۽ پنهنجو ڌيان صرف ۽ صرف ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تي رکن. اسسٽنٽ ڪمشنرن علي واهڻ بند تي صحت کاتي پاران قائم ڪيل فلڊ رليف ڪيمپ جو به دورو ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي متاثرن جي علاج بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. صحت کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته ڪيمپ ۾ متاثر ماڻهن لاءِ مفت مليريا ٽيسٽ، اي پي ويڪسينيشن، جنرل او پي ڊي، ٻارن ۽ عورتن جي ويڪسينيشن، دوائن جي فراهمي ۽ ٻين ضروري ٽيسٽن جو سلسلو جاري آهي ته جيئن ڪنهن به قسم جي وبائي بيماري کي بروقت منهن ڏئي سگهجي. اسسٽنٽ ڪمشنرن متاثرن سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ سندن مسئلا ٻڌي لاڳاپيل عملي کي فوري طور حل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر پنو عاقل ردا ٽالپر پنهواري بند جو دورو ڪيو، جتي هن ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ سان گڏ هڪ غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) جي نمائندن سان ملاقات ڪئي، جيڪا متاثر علائقن ۾ راشن ورهائڻ جو پروگرام ترتيب ڏئي رهي آهي. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر پنو عاقل اين جي او جي نمائندن کي هدايت ڪئي ته هو ٻوڏ متاثر ماڻهن کي آگاهي ڏين ته هو پنهنجا گهر ڇڏي رليف ڪيمپن ڏانهن اچن، جتي کين محفوظ رهائش، راشن ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي. هن چيو ته حڪومت پاران قائم ڪيل رليف ڪيمپن ۾ متاثر ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ، علاج ۽ چوپائي مال جي سهولتن سميت سڀ ضروري قدم کنيا ويا آهن، تنهنڪري هر شهريءَ جي ذميواري آهي ته هو متاثر ماڻهن کي قائل ڪري انهن کي ڪيمپن ڏانهن آڻي ته جيئن سندن زندگيون ۽ مال محفوظ رهي سگهن. اسسٽنٽ ڪمشنر ردا ٽالپر تعلقي پنو عاقل جي اورل ڪچا بند تي ويٽرنري ڪيمپ جو پڻ دورو ڪيو، ڪيمپ ۾ موجود متاثرين جي جانورن جي علاج ۽ ويڪسينشن جو جائزو ورتو جتي لائيو اسٽاڪ کاتي جي ٽيڪنيڪل عملي ٻوڏ متاثر علائقن مان آيل چوپائي مال کي ويڪسين ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. ڪيمپ اندر ويٽرنري آفيسرز ڊاڪٽر محمد حنيف ڪلھوڙو، ڊاڪٽر محمد ڪاشف شيخ، ويٽرنري آفيسر پولٽري ڊاڪٽر مزمل احمد شيخ ۽ شاهجهان مھيسر پڻ موجود هئا. لائيو اسٽاڪ کاتي جي عملدارن ٻڌايو ته ڪيمپ ۾ ايندڙ هر پالتو جانور کي حفاظتي ويڪسين لڳائڻ سان گڏ بيمارين کان بچاءُ بابت هدايتون پڻ ڏنيون پيون وڃن ته جيئن ٻوڏ متاثر علائقن کان آيل جانورن جي حياتي ۽ صحت محفوظ رهي. اسسٽنٽ ڪمشنر پاران لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڊاڪٽرن، نيوي ۽ ريونيو کاتي جي عملدارن کي ٽينٽ فراهم ڪيا ويا آهن ته جيئن هو مينهن دوران به پنهنجا فرض موثر نموني نڀائي سگهن











