صدر آصف علي زرداري پاران ميجر عدنان اسلم شهيد کي خراج عقيدت پيش

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ميجر …

اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته هن بهادري سان دهشتگردن جو مقابلو ڪيو، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردن جي خلاف جنگ جاري رهندي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري ميجر عدنان اسلم جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، ميجر عدنان اسلم ڀارتي پٺڀرائي ۾ سرگرم فتنه الخوارج سان وڙهندي ڪجهه ڏينهن اڳ شيد زخمي ٿيو هو. صدر چيو ته ميجر عدنان اسلم جرئت ۽ بهادري سان قومي فرض ادا ڪيو، قوم پنهنجي شهيد فرزندن کي سدائين ياد رکندي، شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، دهشتگردي جي خلاف جنگ جاري رهندي. هن چيو ته قوم پنهنجي شهيدن جي قربانين جي ڪري پرامن مستقبل طرف وڌي رهي آهي، دهشتگردي جون بزدلاڻيون ڪارروايون اسان جا حوصلا ڪمزور نه ٿيون ڪري سگهن، شهيدن جون قربانيون پاڪستان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط بڻائين ٿيون. صدر شهيد جي گهرڀاتين سان همدرديءَ ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪيو. صدر دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيد جا درجا بلند ڪري ۽ پونيئرن کي صبر عطا فرمائي.