اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙ ذميوار شهري ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان …
وزيراعظم پاران ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙ ذميوار شهري ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايف بي آر ۾ جاري سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق مسعود ملڪ، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي جي لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته باقاعدگي سان ٽيڪس ادا ڪندڙ ذميوار شهري ملڪي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي جو ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي ۽ ٽيڪس چور ماڻهن کان پڇاڻو ٽيڪس نيٽ کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ڪارائتو هوندو. وزيراعظم ايف بي آر کي ٽيڪس ڏيندڙن جي لاءِ ڪاروبار دوست ماحول ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ ۽ ٽيڪس چور ماڻهن جي سڃاڻپ ۽ انهن کان اوڳاڙين جي وصولي لاءِ پروفيشنلز جون خدمتون حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ٽيڪس چوري ڪندڙ ماڻهن ۽ ڪمپنين جي سڃاڻپ جي لاءِ نه رڳو ايف بي آر ۾ موجود افرادي قوت بلڪه نجي شعبي جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون وڃن. وزيراعظم حڪومت جي ٽيڪس چوري جي خلاف قدمن جي حوالي سان عوام جي لاءِ آگاهي مهم هلائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪسٽم ڪليئرنس ۾ مس ڊيڪلريشن ۽ انڊر انوائسنگ جي ٿرڊ پارٽي جائزي جي لاءِ بهترين ٻاهرئين ملڪ آڊيٽرز جي چونڊ ڪئي وڃي، ٿرڊ پارٽي جائزي کي جاري رکيو وڃي ته جيئن سسٽم جي اندر ڪوتاهين جي نشاندهي ٿي سگهي ۽ ان کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ٽيڪس چورن جي سڃاڻپ جي لاءِ قدمن، ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري ۽ اوڳاڙين ۾ اضافي جي لاءِ سپر آڊيٽرز جي ذريعي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته انڪم ۽ سيلز ٽيڪس ڏيندڙن جي پذيرائي جي لاءِ ٽيڪس ڏيندڙن جي ڊائريڪٽري جي تڪميل تي ڪم تيزي سان جاري آهي، ڪسٽم ڪليئرنس ۾ مس ڊڪليريشن ۽ انڊر انوائسنگ جي ٿرڊ پارٽي جائزي جي لاءِ هڪ سائنٽفڪ نظام جوڙيو ويو آهي جنهن تحت سپر آڊيٽرز جو تعين ڪيو ويو جنهن ڪسٽم ڪليئرنس ۽ رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم جو تفصيلي جائزو ورتو، ان جائزي سان جوڙيل نتيجن کي رسڪ مئنيجمينٽ سسٽم ۾ بهتري جي لاءِ استعمال ڪيو ويندو.












