اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو جي وچ ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان کان اڳ قازقستان جي هم منصب جي پرڏيهي آفيس اچڻ جي موقعي تي شاندار آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو ۾ ملاقات
اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو جي وچ ۾ ملاقات ٿي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ان کان اڳ قازقستان جي هم منصب جي پرڏيهي آفيس اچڻ جي موقعي تي شاندار آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ ڌرين نومبر 2025ع ۾ قازقستان جي صدر جي دوري کان اڳ سياسي ۽ اقتصادي لاڳاپن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ سان گڏوگڏ ويجهو تعاون برقرار رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.












