وزيراعظم شهباز شريف ناليواري عالمي ڪمپنين سميت اعليٰ سطحي آمريڪي وفد جي ملاقات

اسلام آباد  – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي معدني ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ٻن ناليواري ڪمپنين پاڪستان ۾ معدنيات ۽ لاجسٽڪ جي شعبي ۾ تعاون، پولي ميٽالڪ ريفائنري قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ معدني وسيلن جي ويليو ايڊيشن بابت مفاهمت جي ٻن تاريخي يادداشتن تي صحيحون ڪيون، پهرين مرحلي ۾ 500 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي، پاڪستان ۾ لاجسٽڪ ۽ تعميراتي …

اسلام آباد  – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا جي معدني ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن سان تعلق رکندڙ ٻن ناليواري ڪمپنين پاڪستان ۾ معدنيات ۽ لاجسٽڪ جي شعبي ۾ تعاون، پولي ميٽالڪ ريفائنري قائم ڪرڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ معدني وسيلن جي ويليو ايڊيشن بابت مفاهمت جي ٻن تاريخي يادداشتن تي صحيحون ڪيون، پهرين مرحلي ۾ 500 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جو منصوبو آهي، پاڪستان ۾ لاجسٽڪ ۽ تعميراتي شعبي ۾ عالمي معيار جا منصوبا شروع ڪيا ويندا، حصيداري سان پائيدار ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جا نوان موقعا ملندا ۽ اها معدنيات ۽ لاجسٽڪ جي شعبي ۾ عالمي سيڙپڪاري جي فروغ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان کاڻين جي کوٽائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبي جي ناليواري عالمي ڪمپنين يونائيٽيڊ اسٽيٽس اسٽريٽجڪ ميٽلز (يو ايس ايس ايم ) ۽ موٽا اينگل گروپ سميت اعليٰ سطح جي آمريڪي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ وفاقي وزير پڻ موجود هئا. وفد پاڪستان ۾ کاڻين جي کوٽائي جي ڪمن ۾ توسيع جا موقعا ڳولڻ ۽ معدني وسيلن ۾ ويليو ايڊيشن ۽ معاون بنيادي ڍانچي جي تعمير جي امڪانن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. وفد وزيراعظم، چيف آف آرمي اسٽاف، پيٽروليم وفاقي وزير ۽ واپار واري وفاقي وزير سان اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ٽامي، سون ۽ ناياب ارضي عنصرن سميت پاڪستان جي وسيع معدني ذخيرن بابت بريفنگ ڏني وئي. دورو ڪندڙ ڪمپنين ملڪ جي اندر ويليو ايڊيشن جي سهولتن جي قيام، معدنيات جي پروسيسنگ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ کاڻين جي کوٽائي جي شعبي سان واڳيل وڏي پئماني تي بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي تعمير ۾ سيڙپڪاري تي راضپي جو اظهار ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ٻنهي حڪومتن جي وچ ۾ ناياب ارضياتي عنصرن ۽ لاجسٽڪ خدمتن سميت اهم معدنيات جي ترقي ۽ پراسيسنگ بابت مفاهمت جي ٻن يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. ملڪ جي سڀ کان وڏي اهم معدنيات ڪڍندڙ ڪمپني فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) سينٽ لوئيس، ميسوري ۾ قائم ناليواري پروسيسر، ري سائيڪلر ۽ مائنر ڪمپني يونائيٽيڊ اسٽيٽس اسٽريٽجڪ ميٽلز (يو ايس ايس ايم) سان هڪ تاريخي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون. اهو معاهدو دفاع، ايرو اسپيس ۽ ٽيڪنالاجي صنعتن جي لاءِ ضروري اهم معدنيات جي مختلف شعبن ۾ تعاون جو فريم ورڪ قائم ڪندو. اها حصيداري فوري طور تي پاڪستان مان دستياب معدنيات جي برآمد سان شروع ٿيندي جن ۾ اينٽيمني، ٽامي، سون، ٽنگسٽن ۽ ناياب ارضي عنصر شامل آهن، ان تعاون سان پاڪستان ۾ يو ايس ايس ايم پاران انتهائي لچڪدار وڏي ڌاتن جي پولي ميٽالڪ ريفائنري جو بنياد رکيو ويندو، اها ريفائنري وچولي ۽ تيار مصنوعات پيدا ڪندي جيڪي آمريڪي منڊيءَ ۾ تيزي سان وڌندڙ طلب کي پورو ڪنديون. مفاهمت جي يادداشت تحت پهرين مرحلي ۾ پاڪستان جي اهم معدنيات جي شعبي ۾ اٽڪل 500 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري متوقع آهي، اهو تعاون پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پراڻي ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو ۽ پائيدار ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ جي نئين امڪانن کي اجاگر ڪندو. مفاهمتي يادداشت جي اڳئين قدمن ۾ پاڪستان جي وسيع قدرتي وسيلن جي مڪمل صلاحيت کي جانچڻ جي لاءِ خصوصي ٽيمن جي جوڙجڪ، فوري برآمد جي لاءِ اهم معدنيات جي نشاندهي ۽ ڳولا، ڪڍڻ ۽ پراسيسنگ ۾ ڊگهي مدي واري حصيداري جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد قائم ڪرڻ آهي، ان تعاون ۾ پائيداري، منافعو حاصل ڪرڻ ۽ ماحولياتي ذميواري کي ترجيح ڏني ويندي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي عوام ان جا ثمر حاصل ڪري سگهي. ٻئي ڌريون اهم معدنيات جي ٽوڪنائيزيشن جهڙا جديد فنانسنگ ۽ ڊيجيٽل حل پڻ ڳولينديون جن جي ذريعي عالمي سيڙپڪار پاڪستان جي معدني دولت ۾ شريڪ ٿي سگهندا ۽ ان شعبي ۾ شفافيت، ليڪويڊيٽي ۽ قدر ۾ اضافي جي رفتار وڌيڪ تيز ٿي سگهندي. اهڙي طرح نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) موٽا – اينگل گروپ سان هڪ مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن جيڪا انجنيئرنگ ۽ تعميرات جي ناليواري عالمي ڪمپني آهي ۽ اوڀر ايشيا ۾ پنهنجون سرگرميون وڌائڻ جي لاءِ نوان موقعا ڳولي رهي آهي، پاڪستان ۾ موقعن جي موجوده سروي جو مقصد انهن ترجيحي منڊين جي نشاندهي ڪرڻ آهي جتي موٽا – اينگل حڪومتي ويزن ۽ نجي شعبي جي قدمن سان هم آهنگ ٿي سگهي. گروپ ڊگھي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ چاهي ٿو جيڪو ان جي عالمي مهارت مان فائدو کڻي ۽ مقامي سطح تي نوڪرين جا موقعا پيدا ڪرڻ، ٽيڪنالاجي جي منتقلي ۽ پائيدار ترقي جي ذريعي قدر ۾ اضافو ڪري. وفد جو دورو ۽ ايم او يوز تي صحيحون پاڪستان جي کاڻين جي کوٽائي ۽ لاجسٽڪس جي شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هڪ سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو.