چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ سپريم ڪورٽ جو 156هون فل ڪورٽ اجلاس

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو 156هون فل ڪورٽ اجلاس سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي معزز ججن جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو 156هون فل ڪورٽ اجلاس سپريم ڪورٽ اسلام آباد ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. سپريم ڪورٽ جي سڌ سماءَ واري شعبي مان جاري پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي معزز ججن جسٽس امين الدين خان، جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس سيد حسن اظهر ، جسٽس شاهد وحيد، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس عرفان سعادت خان، جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس ملڪ شهزاد احمد خان، جسٽس عقيل احمد عباسي، جسٽس شاهد بلال، جسٽس محمد هاشم خان ڪاڪڙ، جسٽس محمد شفيع صديقي، جسٽس صلاح الدين پنهور، جسٽس شڪيل احمد، جسٽس عامر فاروق، جسٽس اشتياق ابراهيم، جسٽس علي باقر نجفي ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب شرڪت ڪئي. شروعات ۾ چيف جسٽس شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪيو ۽ سپريم ڪورٽ رولز 1980ع جي جائزي لاءِ جوڙيل ڪميٽيءَ جي ڪاوشن کي ساراهايو. هن ڪميٽيءَ جي ڪم ڪار جي تعريف ڪئي جنهن کي معزز ججن ۽ قانوني برادري جي راين سان مرتب ڪيو ويو ۽ جنهن جي نتيجي ۾ سپريم ڪورٽ رولز 2025ع جو جامع مسودو تيار ٿيو. ڪميٽيءَ جي چيئرمين جسٽس شاهد وحيد فل ڪورٽ کي رولز جي باري ۾ بريفنگ ڏني. تفصيلي غور ويچار کانپوءِ فل ڪورٽ گڏيل طور تي قرار ڏنو ته سپريم ڪورٽ رولز 2025ع هڪ زندهه دستاويز آهي جنهن جو وقت بوقت جائزو ۽ ضروري ترميمون ڪبيون رهبيون. فل ڪورٽ مختلف رُخن تي غور کانپوءِ گڏيل طور تي فيصلو ڪيو ته في الوقت عدالتي فين ۽ سيڪيورٽيز ۾ واڌ بابت ترميمن تي عملدرآمد ملتوي ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ معزز ججن، بار جي نمائندن ۽ ٻين ڌُرين جون تجويزون ڪميٽيءَ ۾ غور هيٺ آنديون وڃن ته جيئن ڪميٽيءَ جي سفارشن جي روشني ۾ فل ڪورٽ آڏو فيصلي لاءِ پيش ڪري سگهجن. چيف جسٽس ان اڳڀرائيءَ کي هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو جيڪو ان ڳالهه جو مظهر آهي ته عدليه اداره جاتي ڍانچي کي مضبوط بنائڻ ۽ سپريم ڪورٽ رولز کي موجوده وقت جي گهرجن موجب متحرڪ ۽ اثرائتو رکڻ لاءِ پُرعزم آهي.