پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر جي ملاقات، گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان گڏيل عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد عبدالله الرميشي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نيول چيف ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرولنگ ذريعي خطي …

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف سان گڏيل عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد عبدالله الرميشي نيول هيڊ ڪوارٽرز ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، خطي جي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻه طرفن ناتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب نيول چيف ريجنل ميري ٽائيم سيڪيورٽي پيٽرولنگ ذريعي خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪ بحريه جي قدمن تي روشني وڌي. يو اي اي جي ڪمانڊر نيول فورسز خطي ۾ بحري سيڪيورٽي ۽ استحڪام جي حوالي سان پاڪ بحريه جي ڪاوشن کي ساراهيو. پاڪستان ۽ يو اي اي وچ ۾ دفاعي ناتن جي دائري کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. نيول هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي پاڪ بحريه جي سربراهه معزز مهمان جو استقبال ڪيو ۽ کيس چست جٿي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. يو اي اي جي ڪمانڊر جي هاڻوڪي دؤري سان ٻنهي ملڪن خاص ڪري هٿياربند فوج وچ ۾ ناتن کي وڌيڪ هٿي ملندي.