چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر جي ملاقات

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان گڏيل عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد عبدالله الرميشي پاڪستان جي سرڪاري دؤري جي موقعي تي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌُرين علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سامونڊي شعبي سميت ٻه طرفي ددفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. آءِ ايس پي …

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل ساحر شمشاد مرزا سان گڏيل عرب امارات جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد عبدالله الرميشي پاڪستان جي سرڪاري دؤري جي موقعي تي جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر راولپنڊي ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڌُرين علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سامونڊي شعبي سميت ٻه طرفي ددفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب ٻنهي معزززن اُڀرندڙ عالمي ۽ علائقائي جيو اسٽريٽجڪ ماحول جو جائزو وٺندي پيشيوراڻن معاملن تي گهرائي سان ڳالهيون ڪيون. ڌُرين علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ سامونڊي شعبي سميت ٻه طرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار سهاڪر جي اهم ڪردار تي زور ڀريو. معزز مهمان پاڪستان جي هٿياربند جي پيشيوراڻي معيار، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سندن ڪاميابين ۽ قربانين ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ جاري ڪوششن کي ساراهيو. ان کان اڳ جوائنٽ اسٽاف هيڊ ڪوارٽر پهچڻ تي ٽنهي هٿياربند فوج جي چست جٿي معزز مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو. اي پي پي/م – ش/ح – ق 21:31