ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو پاران يو اي اي سان تربيت ۽ گڏيل آپريشنل مشقن سميت عسڪري سهڪار جي پاڪستان جي پُختي عزم تي زور

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو گڏيل عرب امارات سان عسڪري سهڪار خاص ڪري تربيت ۽ گڏيل آپريشنل مشقن جي شعبن ۾ پاڪستان جي پُختي عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد …

راولپنڊي-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو گڏيل عرب امارات سان عسڪري سهڪار خاص ڪري تربيت ۽ گڏيل آپريشنل مشقن جي شعبن ۾ پاڪستان جي پُختي عزم تي زور ڀريو آهي. آءِ ايس پي آر مان جاري بيان موجب پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل حميد محمد عبدالله الرميشي ايئر هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ علائقائي سلامتي جي بدلجندڙ صورتحال تي ڌيان ڏنو ويو جنهن ۾ ڌُرين گڏيل تربيتي قدمن ۽ عسڪري سهڪار ذريعي مشغوليت جون نيون راهون تلاش ڪيون. ملاقات دوران پاڪ فضائيه جي سربراهه سائبر، خلائي، مصنوعي ذهانت، اليڪٽرانڪ وار فيئر ۽ ايرو اسپيس ۾ جديد ترين اپ گريڊيشن پروگرامن ذريعي پاڪستان فضائيه کي هڪ جديد، چست ۽ ٽيڪنالاجيءَ تي ٻَڌل فضائيه ۾ تبديل ڪرڻ جي پنهنجي ويزن جي وضاحت ڪئي. هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ گهري مذهبي ۽ تاريخي ناتن کي اجاگر ڪيو ۽ يو اي اي سان عسڪري سهڪار خاص ڪري تربيت ۽ گڏيل آپريشنل مشقن جي شعبن ۾ پاڪستان جي پُختي عزم تي زور ڀريو. يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر ميجر جنرل پاڪ فضائيه طرفان شاندار آجيان ۽ مهمان نوازيءَ تي ايئر چيف جو دل سان شڪريو ادا ڪيو. هن پاڪ فضائيه جي پاڻڀرو مهم کي ساراهيو جنهن ذريعي ان جي مضبوط فريم ورڪ، ان جي صلاحيتن ۽ فني ترقيءَ تي ڌيان ڏيندي ان خطي جي آپريشنل طور تي تيار ۽ فني طور تي جديد ترين فضائيه بڻايو ويو. معزز مهمان يو اي اي جي هٿياربند فوج جي گهڻ رُخي وار فيئر ۾ پاڪ فضائيه جي ڀرپور آپريشنل تجربي مان فائدو کڻڻ جي ڀرپور خواهش جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪ فضائيه جو تجربو ٿيل آپريشنل فريم ورڪ ۽ جنگي ثابت ٿيل نظريو علائقائي ۽ عالمي ڀائيوارن لاءِ هڪجهڙو انمول آهي. يو اي اي جي بحريه جي ڪمانڊر پي اي ايف سان گڏيل مشقن جوي بندوبست ڪرڻ ۾ يو اي اي جي گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گڏيل طور تي سکڻ، آپريشنل هم آهنگي ۽ بهتر ڄاڻ جي مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو. هن اهو به چيو ته يو اي اي جي فضائيه پاڪستان ۾ گڏيل تربيتي قدمن ۾ حصو وٺڻ جو خواهشمند آهي، انهن قدم کي هنن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن ناتن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. ٻنهي سربراهن وچ ۾ ملاقات ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج وچ ۾ گڏيل چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم ۽ دفاعي ۽ فوجي سهڪار جي شعبن ۾ پنهنجي ٻه طرفن ناتن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جي نشاندهي ڪن ٿا.