صوبائي حڪومت مختلف شعبن ۾ خاص طور تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ، يونيسيف سان “بهترين ڀائيواري” کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي: وڏو وزير سيد مراد علي شاهه

ڪراچي-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت مختلف شعبن ۾ خاص طور تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ، يونيسيف سان “بهترين ڀائيواري” کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي۔ اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري (يونيسيف) جي پاڪستان لاءِ نئين نمائنده پرنيلي آئرنسائيڊ سان ملاقات دوران ڪيو۔ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. يونيسيف …

ڪراچي-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته صوبائي حڪومت مختلف شعبن ۾ خاص طور تي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ بنيادي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ، يونيسيف سان “بهترين ڀائيواري” کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي۔ اهڙو اظهار هن گڏيل قومن جي ٻارن واري اداري (يونيسيف) جي پاڪستان لاءِ نئين نمائنده پرنيلي آئرنسائيڊ سان ملاقات دوران ڪيو۔ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي. يونيسيف جي وفد کي ڀليڪار ڪندي وڏي وزير اميد ظاهر ڪئي ته صوبي جي حڪومت ۽ يونيسيف وچ ۾ ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي۔ان موقعي تي آئرنسائيڊ سنڌ حڪومت سان جاري ۽ ايندڙ تعاون بابت ڳالهايو۔ ملاقات دوران ٻنهي ڌرين ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ صوبائي حڪومت جي تيارين بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ ۾ ٻوڏ جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا ويا آهن جڏهن ته يونيسيف جي بروقت مدد متاثر ٿيل ڪميونٽيز لاءِ نهايت اهم ثابت ٿي۔ مراد علي شاهه يونيسيف جي انهن ڪوششن کي ساراهيو جن تحت ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ بنيادي صحت جون سهولتون ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن لاءِ خدمتون بهتر بڻايون ويون۔ انهن سهولتن مان پنج لک 55 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فائدو حاصل ڪري چڪا آهن جن ۾ چار لک ويهه هزار ٻار ۽ هڪ لک ٽيهه هزار عورتون شامل آهن۔ يونيسيف ويڪسين لاءِ ڪولڊ چين سسٽم جي بحالي تي به ڪم ڪيو ۽ سرڪاري اسپتالن ۾ 24 ڪلاڪ پيدائش وقت ويڪسين ڏيڻ جي سهولت مهيا ڪئي ته جيئن نون ڄاول ٻارن کي اسپتال مان ڇڏڻ کان اڳ ئي زندگي بچائيندڙ ويڪسين ملي سگهي۔ ملاقات دوران يونيسيف جا سنڌ ۾ وڏا منصوبا پڻ پيش ڪيا ويا جن ۾ سنڌ اسڪول ڊيلي مانيٽرنگ سسٽم جنهن ذريعي شاگردن جي حاضري تي نظر رکي وڃي ٿي ۽ ڊراپ آئوٽ گهٽائڻ لاءِ فوري الرٽ ڏنا وڃن ٿا۔ نارين لاءِ روزگار ۽ هُنر جي تربيت جا پروگرام، خاص طور تي خيرپور ۽ گھوٽڪي ۾ جن جي ذريعي نوجوان ڇوڪرين کي فني تربيت ۽ ڪميونٽي آگاهي وسيلي بااختيار بڻايو پيو وڃي۔ وڏي وزير يونيسيف جو شڪريو ادا ڪيو ته هن سنڌ جي مشڪل وقت خاص ڪري ٻوڏ دوران، ساٿ ڏنو ۽ تعليم، صحت ۽ ٻارن جي تحفظ جي شعبن ۾ ڊگهي مدي وارا سڌارا آڻڻ لاءِ تعاون ڪيو۔ هن عزم ورجايو ته سنڌ حڪومت يونيسيف سان گڏجي ڪم جاري رکندي ته جيئن سڄي سنڌ جي ٻارن ۽ خاندانن کي بھتر صحت، تعليم ۽ تحفظ جون سهولتون فراهم ڪري سگهجن۔ ملاقات ۾ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، وڏي وزير  جو سيڪريٽري رحيم شيخ ۽ يونيسيف ڪراچي جو چيف فيلڊ آفيسر پريم بہادر چند به موجود هئا.