اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن کان علائقائي ۽ عالمي امن کي موجود خطرن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي جي وڌ کان وڌ استعمال جي وڪالت ڪندو رهندو، بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ مشغوليت کي فروغ ڏئي اهم …
پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي جي وڌ کان وڌ استعمال جي وڪالت ڪندو رهندو: اسحاق ڊار
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪشمير ۽ فلسطين جي مسئلن کان علائقائي ۽ عالمي امن کي موجود خطرن کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ ثالثي جي وڌ کان وڌ استعمال جي وڪالت ڪندو رهندو، بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ مشغوليت کي فروغ ڏئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. نائب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن سال نومبر ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جي حوالي سان تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هڪطرفي، بنا رڪاوٽ سياست ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي جو رجحان وڌي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته سلامتي کانسواءِ امن نٿو ٿي سگهي ۽ امن ۽ سلامتي کانسواءِ ترقي نٿي ٿي سگهي. هن چيو ته انسانيت کي ڪيترائي گڏيل بحران درپيش آهن جيڪي عالمي امن، سلامتي، اقتصادي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي خطري و۾ وجهي رهيا آهن، ڪشمير کان فلسطين تائين پراڻا حل طلب تڪرار علائقائي ۽ عالمي امن جي لاءِ خطرو آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته دنيا موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن جو مشاهدو ڪري رهي آهي ۽ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ آفتن ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ ساختي ڪوتاهيون عالمي اڻبرابري ۽ غربت کي وڌائي رهيون آهن جنهن سان اسان جي ترقياتي هدفن کي نقصان پهچي رهيو آهي. هن عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي ذريعي غربت ۽ وڌندڙ عالمي اڻبرابري کي منهن ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته اڄ جي ڏکئي ۽ گڏيل دنيا ۾ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس جهڙو پليٽ فارم پوري خطي جي پارلياماني ليڊرن کي ڳالهه ٻولهه ۽ خيالن جي مٽاسٽا جي لاءِ گڏ ڪرڻ ضروري آهي. نائب وزيراعظم چيو ته بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس ڳالهه ٻولهه، گڏيل احترام ۽ مشغوليت کي فروغ ڏئي اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اهڙي طرح جا قدم پاڪستان جي وسيع تر پرڏيهي پاليسي جي عڪاسي ڪن ٿا جنهن جو بنياد گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن، رياستن جي خودمختيار برابري، عدم مداخلت، خودمختياري جي حق ۽ تڪرارن جي پرامن حل تي ٻڌل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ياد ڏياريو ته پاڪستان جي سال 2025ع ۽ 20206ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ زبردست عالمي حمايت سان چونڊ عالمي امن ۽ سلامتي ۾ ان جي وڌندڙ ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿي. هن چيو ته اسان تڪرارن جي پرامن حل جي لاءِ ڳالهه ٻولهه، ثالثي، علائقائي ۽ ذيلي علائقائي تنظيمن ۽ سيڪريٽري جنرل جي وڌ کان وڌ استعمال جي وڪالت ڪندا رهنداسين. موسمياتي تبديلي جي خطرن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن لکين ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ سان گڏوگڏ بي پناهه انساني ۽ معاشي نقصان پهچايو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته هن سال نومبر ۾ ٿيندڙ بين الپارلياماني اسپيڪرز ڪانفرنس وڌيڪ عالمي آوازن کي ميز تي آڻڻ ۽ امن ۽ سلامتي ۽ ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مضبوط حصيداري قائم ڪندي.












