پاڪستان ڪڏهن به جارحيت جو رستو اختيار ناهي ڪيو: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به جارحيت جو رستو اختيار ناهي ڪيو، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار ڪشمير آهي ۽ جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مشڪلاتن ۽ ظلمن جو شڪار رهندي ان وقت تائين امن ممڪن نه آهي، ڀارت جي موجوده حڪومت اقليتن جي زندگي عذاب بڻائي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ڪڏهن به جارحيت جو رستو اختيار ناهي ڪيو، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار ڪشمير آهي ۽ جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مشڪلاتن ۽ ظلمن جو شڪار رهندي ان وقت تائين امن ممڪن نه آهي، ڀارت جي موجوده حڪومت اقليتن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي ۽ اها اقليتن کي دٻائڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي. اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ سفير اعزاز احمد چوڌري جي ڪتاب Pakistan – India Relations – Fractured Past, Uncertain Future جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري اعزاز احمد چوڌري جي پاڪستان جي لاءِ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته اعزاز احمد چوڌري پاڪستان جو مضبوط بيانيو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڪتاب جي ڇپجڻ تي اعزاز احمد چوڌري کي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيستائين پاڪ ڀارت لاڳاپن جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو تعلق آهي ته سڀ کان پهرين اسان کي ٻه قومي نظريي جي حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ کان فوري پوءِ ڀارت پاڪستان تي برتري قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان ڪڏهن به جارح نه رهيو پر سدائين پنهنجي سرحدن جي دفاع تي قائم رهيو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج سدائين ملڪ جي دفاع ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسان تازو ئي دفاع جو ڏهاڙو ملهايو آهي جيڪو ان وقت جي ياد ڏياري ٿو جڏهن ڀارت نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي تي پنهنجي بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان وقت پوري قوم گڏ ٿي ۽ اسان جي بهادر فوج جرئت ۽ بهادري سان نه رڳو دشمن جي حملي جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو پر ملڪ جو دفاع پڻ بهادري سان ڪيو. هن چيو ته سفارتي ڪوششون انهي وقت ڪامياب ٿي سگهن ٿيون جڏهن تڪرارن کي تڪرار تسليم ڪيو وڃي، ڀارت ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سڀ کان وڏو تڪرار ڪشمير آهي ۽ جيستائين ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام مشڪلاتن ۽ ظلمن جو شڪار رهندي ان وقت تائين امن ممڪن نه آهي ڇو ته نه رڳو ڀارت جي موجوده حڪومت ٻه قومي نظريي کي چئلينج ڪيو آهي پر هندوتوا جي وڌندڙ سوچ اقليتن جي زندگي کي پڻ انتهائي ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڀارت جو دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت هجڻ جي نام نهاد دعويٰ بري طرح ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ هو سرحد پار دهشتگردي جي ڪاررواين ۽ ٽرانس نيشنل قتل عام طرف وڌي رهيو آهي. هن چيو ته تازو ئي ڪئناڊا ۾ هرديپ سنگهه نجر جو قتل ۽ ٻين ملڪن ۾ ڪيل ڪارروايون ان جو واضح مثال آهن، خطي ۾ ڀارت جي نام نهاد بالادستي ۽ تازي پاڪ ڀارت تڪرار ۾ رائزنگ انڊيا“ جو ڪوڙو تاثر ان وقت ختم ٿيو جڏهن ان کي پاڪستان هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. الحمدالله پاڪستان نه رڳو عسڪري قوت سان ڀارتي جارحيت جو ڀرپور ۽ موثر جواب ڏنو پر سفارتي محاذ تي پڻ شاندار سفارتڪاري ڏيکاري، بيانيي جي جنگ ۾ ڀارتي تڪبر ان کي نقصان پهچايو. هن چيو ته پاڪستان عالمي فورمز ۽ عالمي ميڊيا تي وڌيڪ موثر انداز ۾ پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته سچ جي طاقت کي ڪڏهن به دٻائي نه ٿو سگهجي، پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن هڪ پاڪستاني پنهنجي جان قربان ڪري ٿو ته اهو رڳو پاڪستان جي لاءِ نه آهي پر دنيا کي وڌيڪ محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هوندو آهي، ان لحاظ کان پاڪستان هڪ ڍال ۽ ديوار وانگر آهي جيڪو دهشتگردن ۽ باقي دنيا جي وچ ۾ بيٺل آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پهلگام جي فالس فليگ ڪارروائي انتهائي ڪمزور بنيادن تي بيٺل هئي، پاڪستان تي دهشتگردي جي سرپرستي جا کل جوڳا الزام هنيا ويا. هن چيو ته هڪ اهڙو ملڪ جنهن معاشي طور تي وڏو نقصان برداشت ڪيو هجي، 90 هزار کان وڌيڪ جانين جي قرباني ڏني هجي، اهو ڪيئن دهشتگردي ۾ ملوث ٿي سگهي ٿو جڏهن ته هو پاڻ دهشتگردي جو سڀ کان وڏو شڪار هجي. هن چيو ته ڀارت جي چوڻ تي ٻاهرئين ملڪ ٽارگيٽ ڪلنگز ۽ ڪارروايون ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته ڀارت اقليتن کي دٻائڻ جي پاليسي تي عمل پيرا آهي جڏهن ته پاڪستان سدائين امن جو خواهشمند رهيو آهي. هن چيو ته تازي تڪرار ۾ به دشمن پاران بنا جواز ۽ اشتعال انگيز حملو ڪيو ويو جنهن جو موثر جواب ڏنو ويو، اهو حملو به ڪوڙي بهاني ۽ پاڻ کي مظلوم ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش تحت ڪيو ويو. هن چيو ته ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري هجي يا عالمي عدالتن ۾ پاڪستان جي موقف جي تائيد، اهو سڀ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان امن چاهي ٿو، انصاف جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ منصفاڻي رويي جو علمبردار آهي. هن چيو ته ڀارت پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي ۽ ان کي هڪطرفي طور تي ختم ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي وئي جيڪو قانوني طور تي ممڪن نه آهي. انصاف جي عالمي عدالت ۽ ٻيا عالمي ادارا واضح ڪري چڪا آهن ته ڪنهن معاهدي کي جنهن تي ٻن ڌرين جي رضامندي، هڪطرفي طور تي ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جيستائين هندوتوا جي عروج ۽ ساڄي ٻانهن جي انتهاپسند پاليسين کي مڙهيو ويندو رهندو ۽ عالمي تڪرارن کي تڪرار تسليم نه ڪيو ويندو ته سدائين اختلاف رهندو. هن چيو ته پاڪستاني قوم متحد آهي، ڀلي نوجوان هجن، دانشور، تعليمي ڌريون، ميڊيا، سياستدان يا سول سوسائٽي، سڀ پنهنجي هٿياربند فوج جي پٺيان شيهي جي ديوار وانگر بيٺل آهن، هڪ متحد قومي کي شڪست ڏيڻ ناممڪن آهي خاص طور تي اها قوم جيڪا پنهنجي فوج سان بيٺل هجي ۽ رڳو سچائي کي پنهنجو بيانيو بڻائي. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي پاڪستان پنهنجو ڪيس موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. دهشتگردي جي حوالي سان به پاڪستان ڪاميابي سان پنهنجو بيانيو دنيا آڏو رکيو. هن مهيني جي آخر ۾ وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪيس پيش ڪندو. پاڪستان سدائين ڄمون ۽ ڪشمير جي معصوم عوام تي ڪيل ظلمن جي خلاف آواز بلند ڪيو آهي ۽ ڪندو رهندو. هن چيو ته ٻه قومي نظريو اڳ کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ مضبوط آهي، پاڪستان امن جي رستي تي گامزن آهي پر جيڪڏهن دشمن بالادستي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ته انشاءَ الله ناڪام ٿيندو، پاڪستاني قوم متحد آهي، پاڪستان سربلند آهي ۽ پاڪستان سچ ۽ امن سان گڏ بيٺل آهي.