صحافي طيب بلوچ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحافي طيب بلوچ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافي طيب بلوچ کي رڳو اختلاف راءِ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪو ناقابل قبول آهي، سخت ڪارروائي …

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحافي طيب بلوچ کي تشدد جو نشانو بڻائيندڙن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته صحافي طيب بلوچ کي رڳو اختلاف راءِ تي تشدد جو نشانو بڻايو ويو جيڪو ناقابل قبول آهي، سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته جڏهن دليل نه هجي ته تشدد جو رستو اختيار ڪيو وڃي ٿو، اها آهي انهن جي سوچ جيڪا عدم برداشت تي ٻڌل آهي. هن چيو ته سدائين صحافين سان گڏ بيٺل رهيو آهيان ۽ ان ڪيس ۾ به ڀرپور ساٿ ڏيندس.