تازي ٻوڏ ۾ آبادگار شديد متاثر ٿيا آهن، حڪومت کي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري

مظفر ڳڙهه -08 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقات پڻ ڪئي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان پنجاب کي پهتو آهي، جتي فصل ، چوپايو مال ۽ گهر تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ 3 بنيادي قدم …

مظفر ڳڙهه -08 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مظفر ڳڙهه جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ واري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي هن ٻوڏ متاثرن سان ملاقات پڻ ڪئي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سبب وڌيڪ نقصان پنجاب کي پهتو آهي، جتي فصل ، چوپايو مال ۽ گهر تمام گهڻا متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ 3 بنيادي قدم کڻڻ ضروري آهن. سڀ کان اڳ ۾ ٻوڏ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو وڃي، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ متاثرن کي راشن ۽ خيما فراهم ڪيا وڃن ۽ ٽئين مرحلي ۾ نقصان جي ازالي لاءِ مستقل حل ڪڍيو وڃي.  پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آبادگار هن قدرتي آفت سبب شديد متاثر ٿيا آهن، انهي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي فوري طور تي زرعي ايمرجنسي لاڳو ڪندي آبادگارن جا قرض معاف ڪيا وڃن يا انهن کي خاص سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن اهي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهي سگهن.  بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن وزيراعظم محمد شهباز شريف کي درخواست ڪئي آهي، ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت شفاف طريقي سان متاثر ڪٽنبن تائين فوري امداد پهچائي وڃي. ڇاڪاڻ ته ان نظام وٽ مڪمل ۽ مستند ڊيٽا موجود آهي. هن چيو ته پي ڊي ايم جي حڪومتي دور ۾ پرڏيهي وزير طور ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير جا پروگرام شروع ڪيا ويا هئا ۽ هاڻي به وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي ان قسم جا قدم کڻڻ گهرجن ته جيئن متاثر ڪٽنبن کي مدد ملي سگهي. هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ اختلافن کي وساري عوام جي خدمت کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هن پنجاب جي ميڊيا کي خراج تحسين پيش ڪيو جنهن مثبت رپورٽنگ ذريعي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته امدادي سرگرمين کي شريڪ سمورا ادارا تعريف جا مستحق آهن. هن چيو ته جتي به ڪا ڪمي يا ڪوتاهي نظر ايندي، ان جي نشاندهي ضرور ڪنداسين جڏهن ته هن وقت تائين امدادي عمل ۾ ڪا به اهڙي کوٽ نظر نه آئي آهي.