اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي ايئر لائنز کي نئين سر سڌيءَ رات اُڏامن جي شروعات ۽ موجوده اُڏامن جو انگ وڌائڻ جي ترغيب تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ايڪشن پلان (2029ع-2025ع) جو حصو آهي جنهن تي ويجهڙ ئي ۾ بيجنگ ۾ صحيحون ڪيون ويون. ويلٿ پاڪستان کي دستياب منصوبي جي تفصيلن موجب شهري هوابازي کي عوامي سطح تي رابطن جي وسيع تر …
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سڌيءَ ريت اڏامن جي توسيع تي اتفاق
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين ٻنهي ملڪن جي ايئر لائنز کي نئين سر سڌيءَ رات اُڏامن جي شروعات ۽ موجوده اُڏامن جو انگ وڌائڻ جي ترغيب تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان ايڪشن پلان (2029ع-2025ع) جو حصو آهي جنهن تي ويجهڙ ئي ۾ بيجنگ ۾ صحيحون ڪيون ويون. ويلٿ پاڪستان کي دستياب منصوبي جي تفصيلن موجب شهري هوابازي کي عوامي سطح تي رابطن جي وسيع تر فريم ورڪ تحت سهڪار جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو ويو آهي. دستاويزن موجب ٻنهي ملڪن شهري هوازبازي ۾ سهڪار کي مضبوط بڻائينداسين جنهن تحت ايئر لائنز کي نئين روٽس جي شروعات ۽ موجوده اُڏامن جو انگ وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي ويندي. اهي قدم ڪاروباري برادري، شاگردن، سياحن ۽ پيشيوراڻن لاڳاپن لاءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفر کي وڌيڪ آسان بنائڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. شهري هوابازي ۾ سهڪاري منصوبي جي ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي سهڪار، سياحت کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سهولتڪاري جهڙن ٻين شعبن سان به جڙيل آهي. وڌندڙ فضائي رابطن عيوض چين- پاڪستان اڪنامڪ ڪوريڊور (سي پيڪ) تي جاري ڪم ۽ خطي ۾ انضام جي ڪوششن کي به هٿي ملڻ جي اميد آهي. ٻنهي طرف جي عملدارن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڌيءَ ريت اُڏامن ۾ واڌ عوامي رابطن کي وڌيڪ گهرو ڪندي، سفر جي وقت ۾ گهٽتائي ايندي ۽ ٻه طرفي سهڪار لاءِ ڪيترن ئي سطحن تي نوان موقعا پيدا ڪندي.












