اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي سڌارن، شفافيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وقت سر انصاف جي فراهمي اولين ترجيح آهي، موجوده دور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال اڻٽر آهي، عدالتي سڌارن عيوض التويٰ هيٺ ڪيسن جي تعداد ۾ جوڳي گهٽتائي ٿي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ ساليانو موڪلن کان پوءِ نئين عدالتي سال جي موقعي تي …
عدالتي سڌارن عيوض التويٰ هيٺ ڪيسن جي بيڪ لاگ ۾ گهٽتائي ٿي آهي: چيف جسٽس آف پاڪستان
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي سڌارن، شفافيت ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي وقت سر انصاف جي فراهمي اولين ترجيح آهي، موجوده دور ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو استعمال اڻٽر آهي، عدالتي سڌارن عيوض التويٰ هيٺ ڪيسن جي تعداد ۾ جوڳي گهٽتائي ٿي آهي. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ ۾ ساليانو موڪلن کان پوءِ نئين عدالتي سال جي موقعي تي منعقد جوڊيشل ڪانفرنس جي سربراهي ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس جي ججن سان گڏوگڏ اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هن روايت جي شروعات 1970ع جي ڏهاڪي ۾ ٿي جڏهن ته 2004ع کان ان کي باقاعدگي سان ملهايو پيو وڃي. هن چيو ته هي موقعو آهي ته عدالتون پنهنجي ڪارڪردگي جو جائزو وٺن ۽ ايندڙ سال جا هدف طئي ڪن. عدالتي سڌارن جي حوالي سان چيف جسٽس ٻڌايو ته عهدو سنڀالڻ کان پوءِ سڌارن جي ضرورت محسوس ڪئي ۽ 5 نقطن تي ٻڌل سڌارن وارو عمل شروع ڪيو ويو، سپريم ڪورٽ ۾ ڊجيٽل فائلنگ ۽ اي سروسز جي شروعات ٿي چڪي آهي. هن چيو ته انصاف جي نظام ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال هئڻ گهرجي پر اسان في الحال انهي لاءِ مڪمل طور تيار ناهيون. هن چيو ته 61 هزار فائيل ڊجيٽل اسڪين ڪيا ويندا ۽ اهو پراجيڪٽ 6 مهينن ۾ مڪمل ٿيندو. ڪيسن جي فهرست بندي (فڪسنگ) مستقبل ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس (مصنوعي ذهانت) ذريعي ڪئي ويندي ۽ ڊجيٽل اسڪين پراجيڪٽ جي ڪاميابي کان پوءِ عدالت ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جو باقاعده استعمال شروع ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل ۾ ججز خلاف 64 شڪايتن جو فيصلو ٿي چڪو، 72 شڪايتون راءِ وٺڻ لاءِ ميمبرن کي ڏنيون ويون آهن. هلندڙ مهيني جي آخر تائين سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿيندي ۽ باقي 65 ڪيس به ججز کي ڏنا ويندا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس واضح ڪيو ته ان سان گڏوگڏ سيڪيورٽي جون 9 گاڏيون مقرر هيون جڏهن ته هن سيڪيورٽي گهٽ ڪري صرف 2 گاڏين تان محدود ڪيون. چيف جسٽس چيو ته ڇاڪاڻ ته ريڊ زون ۾ عدالت ۽ رهائش واقع آهي، انهي لاءِ ايتري وڏي سيڪيورٽي جي ضرورت نه هئي. مون سان ۽ ججن سان گڏ سيڪيورٽي ۾ گهٽتائي ڪئي وئي جڏهن ته اسلام آباد کان ٻاهر وڃڻ تي ججز کي سيڪيورٽي جي ضرورت پئجي سگهي ٿي پر ريڊ زون ۾ ايتري نه. هن وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ رولز ۾ ججز جي موڪلن جي حوالي سان واضح طريقيڪار موجود آهي. عدالتي موڪلن دوران ججز کي ڪنهن به قسم جي اجازت گهربل ناهي هوندي، جڏهن ته عام موڪلن کان علاوه جيڪڏهن ڪو جج موڪل وٺڻ چاهي ته ان بابت ٻڌائڻ لازمي هوندو. جوڊيشل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ چيو ته عدليه جي هميشه ڪوشش رهي آهي ته عوام کي فوري انصاف فراهم ڪيو وڃي. آئين ۽ قانون جي پاسداري شفافيت کي يقيني بڻائي ٿي ۽ قانون جي گهرجن کي پورو ڪرڻ آئين جي اصل خوبصورتي آهي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ التويٰ هيٺ ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي جنهن تي سپريم ڪورٽ جا ججز ۽ آفيسر تعريف جا مستحق آهن. اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته آئين سان لاڳاپيل ڪيسن لاءِ خاص بئنچ جوڙي وئي آهي ۽ عدالت کي گهرجي ته ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) مان فائدو کڻي. تقريب کي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر رئوف عطا به خطاب ڪيو ۽ چيو ته جسٽس يحيٰ آفريدي سپريم ڪورٽ ۾ نئين سوچ ۽ جديد سڌارا متعارف ڪرائي. اليڪٽرانڪ فائلنگ، ويڊيو لنڪ سهولت ۽ فيسليٽيشن سينٽر جو قيام هڪ وڏي ڪاميابي آهي جڏهن ته عدالت گرمين جي موسم جي موڪلن ۾ به ڪيسن جي ٻڌڻي جاري رکي. رئوف عطا وڪيل برادري طرفان ڪورٽ فيس ۾ اضافي تي خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن عدالتي فيس وڌيڪ هوندي ته عام ۽ غريب شهري لاءِ انصاف حاصل ڪرڻ مشڪل ٿي پوندو. هن جو چوڻ هو ته عدليه هميشه آئين کي سر بلند رکيو آهي ۽ جڏهن به ايئن ٿيو آهي ته قوم جو ڳاٽ فخر وچان بلند ٿيو آهي. وائيس چيئرمين پاڪستان بار ڪائونسل طاهر نصير الله وڙائچ چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان، لا اينڊ جسٽس ڪميشن جي چيئرمين طور چئني صوبن، ڏورانهن علائقن جي ضلعي عدالتن، بار ايسوسيئيشن ۾ انٽرنيٽ جي سهولت، سولرائيزيشن کي پنهنجي ترجيحن ۾ رکي، طاهر نصر الله وڙائچ چيو ته وڪيل برادري چيف جسٽس آف پاڪستان کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، انصاف جي فراهمي ۾ شفافيت سان صحتمند معاشرو جوڙي سگهجي ٿو.












