يوم بحريه اسان کي سامونڊي جانبازن جي جرئت ۽ قربانين جي ياد ڏياريندو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته يوم بحريه اسان کي اسان جي بحري جانبازن جي جرئت ۽ قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بحريه کي مضبوط بڻايو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ويزن ڏنو. يوم بحريه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ نيوي جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي …

اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته يوم بحريه اسان کي اسان جي بحري جانبازن جي جرئت ۽ قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، شهيد بينظير ڀٽو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بحريه کي مضبوط بڻايو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ويزن ڏنو. يوم بحريه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن پاڪ نيوي جي بهادر آفيسرن ۽ جوانن کي سلام ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته يوم بحريه اسان کي اسان جي بحري جانبازن جي جرئت ۽ قربانين جي ياد ڏياريندو آهي، پاڪستان نيوي مادر وطن جي سامونڊي سرحدن جو هميشه بي مثال بهادري سان دفاع ڪيو. 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ نيوي وطن عزيز جي دفاع ۾ تاريخ ساز ڪارنامو انجام ڏنو. هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ آپريشن سومناٿ سميت پاڪ نيوي جون تاريخي ڪاميابيون قوم لاءِ فخر جو سبب آهن. قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه هڪ مضبوط ۽ جديد بحريه جو خواب ڏٺو، ملڪ جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ڀٽو  پاڪستان جي پنهنجي پاڻ تي ڀاڙي دفاع جو بنياد ايٽمي پروگرام ذريعي رکيو، شهيد بينظير ڀٽو جديد ٽيڪنالاجي ذريعي بحريه کي مضبوط بڻايو ۽ خطي ۾ امن ۽ سلامتي جو ويزن ڏنو. هن چيو ته پاڪستان نيوي ويجهن سالن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي پيشيواراڻي مهارت ۽ صلاحيت جو ڌاڪو ڄمايو، اسان جي نيوي ڀارت سان تازي ڇڪتاڻ دوران ڪاميابي سان پاڪستان جي سامونڊي خودمختياري جو دفاع ڪيو، پاڪ نيوي سامونڊي محافظ جي حيثيت سان واپاري رستن جي سلامتي ۽ خطي جي پاڻي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ به سرگرم عمل آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ جڏهن اسان پاڪستان نيوي جي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون ته اسان کي هڪ عهد ڪرڻ گهرجي ته هر ممڪن طريقي سان پنهنجي هٿياربند فوج جي مضبوط حمايت ڪنداسين.