اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت ناهي پر اهو بنياد آهي، جنهن تي قومون پنهنجي تقدير جو تعين ڪنديون آهن، موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سامهون اڄ اسان ڪا به ڪوتاهي برداشت نٿا ڪري سگهون، قوم کي تعليم سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ لاءِ اضافي محنت ڪرڻي پوندي. خواندگي جي عالمي ڏهاڙي 08 سيپٽمبر …
خواندگي رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت نه پر اهو بنياد آهي جنهن تي قومون پنهنجي تقدير جو تعين ڪنديون آهن: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد -08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي، ته خواندگي رڳو پڙهڻ لکڻ جي صلاحيت ناهي پر اهو بنياد آهي، جنهن تي قومون پنهنجي تقدير جو تعين ڪنديون آهن، موسمياتي تبديلي جي چئلينجن سامهون اڄ اسان ڪا به ڪوتاهي برداشت نٿا ڪري سگهون، قوم کي تعليم سڀني لاءِ يقيني بڻائڻ لاءِ اضافي محنت ڪرڻي پوندي. خواندگي جي عالمي ڏهاڙي 08 سيپٽمبر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته خواندگي جمهوريت ۽ ترقي جو روح آهي. پيپلز پارٽي کي يقين آهي، ته غربت، ناانصافي ۽ جهالت جي زنجيرن کي ٽوڙڻ جو سڀ کان طاقتور هٿيار تعليم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو خواب ترقي پسند ۽ خوانده ماڻهن تي مشتمل پاڪستان هو، ڀٽو شهيد ۽ بي بي شهيد تعليم کي بنيادي حق قرار ڏنو ۽ عورتن ۽ نوجوانن کي تعليم ذريعي بااختيار بڻايو، قائد عوام ۽ شهيد بينظير ڀٽو جو اهو ويزن اڄ به اسان کي متاثر ۽ رهنمائي فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ ۾ سنڌ جا اٽڪل اڌ تعليمي ادارا تباهه ٿي ويا هئا، هاڻي پنجاب کي به ان ئي نوعيت جي تباهي پکيڙيندڙ آفت جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. جنهن سان تعليمي نظام وڌيڪ متاثر ٿيندو، موسمياتي تبديلي سبب پاڪستاني ٻارن کي تعليم جي پنهنجي بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ٻارن کي درپيش اهي مشڪلاتون موسمياتي تبديلي سبب پيدا ٿيون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهو اهڙو بحران آهي جنهن ۾ نه انهن ٻارن جو، نه ئي انهن جي والدين ۽ نه وري سندن ملڪ جو ڪو قصور آهي. موسمياتي تبديلي جي ان بحران جون پاڙون صنعتي ملڪن جي قدمن ۾ کُتل آهن، خواندگي ۽ تعليم جي حوالي سان پيپلز پارٽي پنهنجي پختي عزم سان بيٺل آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح وڌائڻ لاءِ قومي سطح تي گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، انهي لاءِ حڪومت ۽ سول سوسائٽي سميت هر شهري کي گڏجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اڄ خواندگي جي عالمي ڏينهن تي اسان سڀني کي هڪ عهد ڪرڻ گهرجي ته اهڙو پاڪستان بڻايون جتي هر ٻار تعليم حاصل ڪري، اهڙو پاڪستان جتي هر ٻار جي خواب جي آبياري ٿئي ۽ هر شهري تعليم ذريعي بااختيار بڻجي.












