اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ جاري ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ اين …
وزيراعظم پاران اين ڊي ايم اي کي ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) کي ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن ملڪ ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ جاري ريسڪيو ۽ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ، وزيراعظم محمد شهباز شريف کي سڄي ملڪ ۾ دريائن ۾ چاڙهه، ٻوڏ ريلي جي موجوده صورتحال ۽ ٻوڏ کان متاثر شهرين جي لاءِ امدادي ڪاررواين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي ملڪ ۾ جاري امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ ۽ وڌندڙ چاڙهه سبب امڪاني ٻوڏ صورتحال جي ڏس ۾ امدادي ڪاررواين جي تياري مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن دريائن جي ڀرپاسي آبادين ۽ امڪاني خطرن ۾ ورتل علائقن ۾ اڳواٽ اطلاع ۽ وقت سر انخلا جي حوالي سان پڻ مڪمل تياري ۽ اين ڊي ايم اي کي صوبائي حڪومتن ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽيز سان مڪمل تعاون برقرار رکڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم حڪم ڏنو ته ٻوڏ ۾ گم ٿي ويل ماڻهن جي ڳولا جو عمل تيز ڪيو وڃي. وزيراعظم کي ملڪ ۾ ٻوڏ سبب لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن ۽ ريسڪيو ڪاررواين بابت پڻ بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران وزيراعظم کي چناب درياءَ، راوي ۽ ستلج دريائن ۾ تريمون بئراج، پنجند بئراج، هيڊ بلوڪي، هيڊ سدهنائي، گنڊا سنگهه والا، هيڊ سليمانڪي ۽ هيڊ اسلام ۾ شديد چاڙهه جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ امدادي سامان جا قافلا لاڳيتو موڪليا پيا وڃن.












