اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سمورين ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او پي ايف) جي چيئرمين قمر رضا ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر افضال ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سمورين ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سمورين ممڪن سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، اوورسيز پاڪستاني ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار اوورسيز پاڪستانيز فائونڊيشن (او پي ايف) جي چيئرمين قمر رضا ۽ مئنيجنگ ڊائريڪٽر افضال ڀٽي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ معرڪه حق ۾ پاڪستان جي فتح جي حوالي سان مختلف ملڪن ۾ ٿيندڙ تقريبن بابت وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي. او پي ايف جي ايم ڊي ۽ چيئرمين وزيراعظم کي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ حڪومتي قدمن بابت آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني اسان جي ملڪ جو قيمتي سرمايو آهن، عالمي مارڪيٽ ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستاني افرادي قوت اهم خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي.












