اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس جي هڪ لک 56 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح پار ڪرڻ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله جي فضل سان …
وزيراعظم پاران اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس جي هڪ لک 56 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽاڪ ايڪسچينج هنڊريڊ انڊيڪس جي هڪ لک 56 هزار پوائنٽس جي سطح پار ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو تاريخي سطح پار ڪرڻ ڪاروباري برادري ۽ سيڙپڪارن جي حڪومت جي پاليسين تي اعتماد جي عڪاسي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته الله جي فضل سان ملڪ جي ترقي جو سفر معاشي ٽيم جي محنت سان جاري آهي. تازو ئي چين جي نجي شعبي سان پاڪستان جي نجي ڪمپنين اربين ڊالرن جي معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي سان صنعتون لڳنديُون، روانگي واپار ۾ اضافو ٿيندو ۽ روزگار جا وڌيڪ موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته ملڪ جي معاشي رخ جي بهتري ۽ ترقي جي سفر تي گامزن ڪرڻ لاءِ معاشي ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.












