صدر پاران پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ خدمتن تي خراج تحسين پيش

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه جرئت ۽ بهادري جي نئين تاريخ لکي. صدر يوم بحريه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آپريشن سومنات دشمن لاءِ خوف ۽ پاڪ بحريه لاءِ فخر جي نشاني بڻيو، يوم بحريه …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ بحريه جي آفيسرن ۽ جوانن جي بهادري ۽ خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ بحريه جرئت ۽ بهادري جي نئين تاريخ لکي. صدر يوم بحريه جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آپريشن سومنات دشمن لاءِ خوف ۽ پاڪ بحريه لاءِ فخر جي نشاني بڻيو، يوم بحريه ان عزم جي تجديد آهي ته پاڪ بحريه هر محاذ تي قوم جو دفاع ڪندي رهندي. صدر چيو ته پاڪ بحريه هڪ جديد ۽ گهڻ رخي فورس طور اڀري آهي، پاڪ بحريه واپاري رستن جي تحفظ ۽ عالمي امن مشنز ۾ به ڪردار ادا ڪري رهي آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته آپريشن بنيان مرصوص دوران پاڪ بحريه سامونڊي حدن جو تحفظ ڪندي دشمن جي ڪنهن به امڪاني جارحيت کي ناڪام بڻايو. هن چيو ته قوم کي پنهنجي شهيدن ۽ غازين تي فخر آهي، يوم بحريه تي اسان شهيدن جي قربانين کي سلام پيش ڪريون ٿا.