اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو اڄ 8 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب هي اهم دورو قازقستان جي صدر جي هن سال نومبر ۾ طئي ٿيل پاڪستان جي دوري کان اڳ ٿي رهيو آهي. قازقستان جي نائب وزيراعظم سان گڏ قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير سميت اعليٰ سطح …
قازقستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير 8 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس

مزید خبریں
اسلام آباد-07 سيپٽمبر (اي پي پي) قازقستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير مرات نورتيلو اڄ 8 سيپٽمبر کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب هي اهم دورو قازقستان جي صدر جي هن سال نومبر ۾ طئي ٿيل پاڪستان جي دوري کان اڳ ٿي رهيو آهي. قازقستان جي نائب وزيراعظم سان گڏ قازقستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير سميت اعليٰ سطح جو 13 رڪني وفد به هوندو. دوري جي موقعي تي زراعت ۽ آءِ ٽي تي ٻڌل ورڪنگ گروپس جا اجلاس پڻ ٿيندا. پاڪستان ۾ قيام دوران قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقات ڪندو جنهن کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون. مرات نورتيلو جي صدر مملڪت ۽ وزيراعظم سان به ملاقات متوقع آهي. اهي ڳالهيون ايندڙ صدارتي دوري جي تيارين جو جائزو وٺڻ ۽ پاڪستان قازقستان ٻطرفي تعاون جي سمورن رخن تي جامع طور تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪنديون. دوري دوران خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، زراعت، تعليم، ثقافتي ۽ سياحت جي مٽاسٽا، علائقائي رابطن ۽ لاجسٽڪس ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون تي ڌيان ڏنو ويندو. بيان موجب قازقستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جو پاڪستان جو دورو ۽ قازقستان جي پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي فائدي لاءِ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو.










