صدر اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب بل جي منظوري کان پوءِ ڊيوٽيز پهرين جولاءِ 2020ع کان موثر هُونديُون. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاران منظور ٿيڻ کان پوءِ بل صدر ڏانهن موڪليو ويو. بل کي چيني گرانٽس تي هلندڙ منصوبن تي اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي لاڳو …

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي ترميمي بل 2025ع جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب بل جي منظوري کان پوءِ ڊيوٽيز پهرين جولاءِ 2020ع کان موثر هُونديُون. قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ پاران منظور ٿيڻ کان پوءِ بل صدر ڏانهن موڪليو ويو. بل کي چيني گرانٽس تي هلندڙ منصوبن تي اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽي لاڳو هُجڻ تي قانوني وضاحت جي لاءِ بل منظور ڪيو ويو. هن ترميم جو فيصلو آڪٽوبر 2022ع ۾ گوادر منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ واري اجلاس ۾ ڪيو ويو.