قوم کي پاڪ فضائيه جي جوانن جي صلاحيتن تي فخر آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه جي جديد صلاحيتن کي قومي دفاع جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي، ته قوم کي پاڪ فضائيه جي جوانن جي صلاحيتن تي فخر آهي، پاڪ فضائيه ملڪ جي فضائي حدن ۽ سلامتي جو هميشه ڀرپور دفاع ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن يوم فضائيه 7 سيپٽمبر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته …

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه جي جديد صلاحيتن کي قومي دفاع جي ضمانت قرار ڏيندي چيو آهي، ته قوم کي پاڪ فضائيه جي جوانن جي صلاحيتن تي فخر آهي، پاڪ فضائيه ملڪ جي فضائي حدن ۽ سلامتي جو هميشه ڀرپور دفاع ڪيو آهي. انهن خيالن جو اظهار هن يوم فضائيه 7 سيپٽمبر جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان يوم فضائيه ملهائي رهيا آهيون، اسان ان موقعي تي پنهنجي شهيدن کي خراج عقيدت ۽ غازين کي خراج تحسين پيش ڪيون ٿا جن جي همٿ ۽ قرباني اڄ به قوم کي متاثر ڪري ٿي. صدر چيو ته هي ڏينهن نه رڳو ماضي جي ڪاميابين کي ياد ڪرڻ پر خدمت ۽ چاهه جي زنده جذبي کي عزت بخشڻ جو به آهي، جيڪو پاڪ فضائيه جي تعريف ڪري ٿو. صدر مملڪت چيو ته 1965ع ۾ اسان جي شاهينن مشڪلاتن جو زبردست مقابلو ڪندي غير معمولي بهادري ۽ عزم جو داستان لکيو، سندن جرئتمنداڻن قدمن نه رڳو اسان جي فضائن جو دفاع ڪيو پر پوري قوم جا حوصلا بلند ڪري ڇڏيا. هن چيو ته قرباني ۽ سر بلندي جو اهو جذبو پاڪ فضائيه جي هر نسل  ۾ زنده آهي. صدر مملڪت چيو ته مون کي ان ڳالهه تي بيحد فخر آهي، ته ڪهڙ: نموني پاڪ فضائيه هڪ جديد، قابل ۽ انتهائي پيشيواراڻي اداري ۾ تبديل ٿيو آهي، پوءِ 1965ع جي جنگ  هجي يا تازي حق جي ويڙهه بنيان المرصوص، پاڪ  فضائيه هميشه چئلينج جو مقابلو ڪندي دشمن کي فيصلائتو جواب ڏنو ۽ قوم کي فخر لائق بڻايو. هن چيو ته دنيا پاڪستان ايئر فورس جي شاندار مهارت ۽ پيشيواراڻي مهارت جو مشاهدو ڪيو آهي، مون کي پختو يقين آهي، ته سندن جديد صلاحيتن پاڪستان جي سلامتي کي مضبوط ترين ضمانت  مان هڪ بڻايو آهي. صدر مملڪت  ان موقعي تي شهيدن جي خاندانن  کي سلام پيش ڪيو جن سڀ کان وڏي قرباني ڏني آهي. صدر مملڪت چيو ته سندن پيارا قوم جي دلين ۾ ابدي هيروز طور زنده رهندا. هن چيو ته مان انهن غازين کي به سلام پيش ڪيان ٿو، جن جي ريزيلينس ۽ جذبو جرئت جو زنده مثال آهي. صدر مملڪت  آصف علي زرداري ان يقين جوا ظهار به ڪيو ته پاڪ فضائيه ان عزم ۽ جذبي سان اسان جي فضائن ۽ خودمختياري جي حفاظت جاري رکندي جيڪو هميشه کان  سندن امتياز رهيو آهي.