اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پاڪ فضائيه جو نئون نغمو ’شاهين‘ جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان ايئر فورس شاهين جي عنوان سان نئون ملي نغمو رليز ڪيو آهي جنهن ۾ فضائي سرحدن جي محافظ پاڪ فضائيه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. نغمي جي شروعات ”يه غازي يه تيري پراسرار بندي“ جي روح پرور لفظن سان ڪيو ويو آهي. …
يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پاڪ فضائيه جو نئون نغمو ’شاهين‘ جاري
اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جي موقعي تي پاڪ فضائيه جو نئون نغمو ’شاهين‘ جاري ڪيو ويو آهي. پاڪستان ايئر فورس شاهين جي عنوان سان نئون ملي نغمو رليز ڪيو آهي جنهن ۾ فضائي سرحدن جي محافظ پاڪ فضائيه کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. نغمي جي شروعات ”يه غازي يه تيري پراسرار بندي“ جي روح پرور لفظن سان ڪيو ويو آهي. مشهور گلوڪار شجاع حيدر جي آواز ۾ نغمو، پاڪ فضائيه جي يڪجهتي ۽ وطن سان بي مثال وفا جو عظيم داستان آهي. نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي پيشيواراڻين صلاحيتن جي شاندار عڪاسي ڪئي وئي آهي. نغمي ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وطن لاءِ قربانيون ڏيڻ ۽ اڳيان وڌڻ جو عزم ڪيو ويو آهي. نغمي ۾ بهادري، قرباني ۽ وطن جي وقار جي دلڪشي منظرڪشي ڪئي وئي آهي. نغمي ۾ پاڪ فضائيه جي جرئتمنداڻا ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو. يوم دفاع جي موقعي تي پاڪ فضائيه پاران جاري ڪيل نئون ملي نغمو قرباني ۽ تجديد عهد وفا جو پيغام آهي.












