اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان 7 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ جي ايئر بيسز تي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين دوران شهادت جو مرتبو ماڻيندڙن لاءِ خاص دعائن ۽ قرآن خواني سان ٿيو، جن پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين پنهنجا فرض انجام ڏيندي لازوال قربانيون پيش ڪيون. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر هيڊ ڪوارٽرز …
پاڪ فضائيه طرفان 7 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ جي سمورن ايئر بيسز تي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو
اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه طرفان 7 سيپٽمبر تي سڄي ملڪ جي ايئر بيسز تي شهيدن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات 1965ع ۽ 1971ع جي جنگين دوران شهادت جو مرتبو ماڻيندڙن لاءِ خاص دعائن ۽ قرآن خواني سان ٿيو، جن پاڪستان جي ٺهڻ کان وٺي هن وقت تائين پنهنجا فرض انجام ڏيندي لازوال قربانيون پيش ڪيون. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ايئر هيڊ ڪوارٽرز اسلام آباد ۾ منعقد شهيدن جي ڏهاڙي جي مرڪزي تقريب ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو مهمان خاص طور شرڪت ڪئي. پنهنجي خطاب دوران پاڪ فضائيه جي سربراهه ايثار، حوصلي، ۽ پيشيواراڻي مهارت جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن خوبين کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي پاڪ فضائيه جي ميراث ۽ سڃاڻپ قرار ڏنو. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته شهيدن جو ڏهاڙو پاڪستان جي هٿياربند فوج غير معمولي بهادري، بي مثال پيشيواراڻي مهارت ۽ لازوال ايثار واري جذبي ۽ قرباني جي علامت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪ فضائيه مڪمل هڪجهڙائي سان پنهنجي مشن کي انجام تائين پهچائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هر وقت عالمي سلامتي جي محرڪن کان چڱي ريت آگاهه اهي. حق جي ويڙهه آپريشن بنيان المرصوص دوران پاڪ فضائيه طرفان حاصل ڪيل فتحن جي هڪ ڊگهي فهرست هڪ ڀيرو ٻيهر اهو باور ڪرايو آهي، ته اسان پنهنجي مڪمل قوت ارادي ۽ عسڪري صلاحيتن سان مادر وطن جي فضائي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهيون. پاڪ فضائيه جي شهيدن ۽ هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪندي ايئر چيف چيو ته اسان پنهنجي هيروز جي عظيم قربانين تي سندن ٿورائتا آهيون، هي اهي قربانيون آهن جيڪي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهن. ان موقعي تي اسان مادر وطن جي دفاع ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ کي دل جي اٿاهه گهرائين سان خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا. پاڪ فضائيه جي سربراهه والاريل ڪشمير جي عوام طرفان خوداراديت واري حق کي حاصل ڪرڻ لاءِ جاري جدوجهد ۾ سندن پختي حمايت جي به خاطري ڪرائي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي پاڪ فضائيه جي سربراهه عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ان ڳالهه جي به خاطري ڪرائي ته پاڪ فضائيه قوم جي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جي تحفظ لاءِ خلائي، اليڪٽرانڪ وار فيئر، سائبر ٽيڪنالاجيز ۽ مقامي سطح تي دفاعي پيداوار ۾ پنهنجي صلاحيتن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، جنهن کان پوءِ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي پاڪ فضائيه جي سربراهه شهيدن جي يادگارن تي گلن جون چادرون چاڙهي سندن ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.












