دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو ڏکڻ وزيرستان ۾ عقيدت، احترام ۽ قومي يڪجهتي سان ملهايو ويو

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو  ڏکڻ وزيرستان ۾ عقيدت، احترام ۽ قومي يڪجهتي سان ملهايو ويو. شوال، دوسلي، وانا، چغمالئي، جنڊوله، منزئي، آسمان منزه، شڪئي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج سپنڪئي شهيدن جي يادگارن تي گلن جو چادرون چاڙهيون ويون. ڏينهن جي شروعات شڪراني واري نماز سان ٿي جنهن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قرآن خواني کان پوءِ وطن عزيز جي سلامتي، …

اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو  ڏکڻ وزيرستان ۾ عقيدت، احترام ۽ قومي يڪجهتي سان ملهايو ويو. شوال، دوسلي، وانا، چغمالئي، جنڊوله، منزئي، آسمان منزه، شڪئي ۽ ڪيڊٽ ڪاليج سپنڪئي شهيدن جي يادگارن تي گلن جو چادرون چاڙهيون ويون. ڏينهن جي شروعات شڪراني واري نماز سان ٿي جنهن ۾ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. قرآن خواني کان پوءِ وطن عزيز جي سلامتي، امن ۽ ترقي لاءِ خاص دعائون گهريون ويون. عوام شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ملڪ جي دفاع تي فخر جو اظهار ڪيو. عوام جي هٿن ۾ قومي جهنڊا ۽ چپن تي پاڪستان زنده باد جا نعرا هئا. اهي تقريبون عوام ۽ پاڪ فضائيه  وچ ۾ بي لوث محبت ۽ يڪجهتي جو چٽو ثبوت آهن.