اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) ميرانشاهه ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون. تقريبن جو مقصد شهيدن جي شجاعت ۽ لازوال قربانين کي سلام پيش ڪرڻ هو. ميرانشاهه ماڊل اسڪول ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلعي انتظاميه، عسڪري آفيسرن شرڪت ڪئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي جذبي سان ڀرپور نغما، تقريرون ۽ خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا. شرڪت ڪندڙن …
اتر وزيرستان ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي پروقار تقريب منعقد
اسلام آباد -07 سيپٽمبر (اي پي پي) ميرانشاهه ۾ يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون. تقريبن جو مقصد شهيدن جي شجاعت ۽ لازوال قربانين کي سلام پيش ڪرڻ هو. ميرانشاهه ماڊل اسڪول ۾ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ضلعي انتظاميه، عسڪري آفيسرن شرڪت ڪئي. شاگردن ۽ شاگردياڻين ملي جذبي سان ڀرپور نغما، تقريرون ۽ خوبصورت ٽيبلوز پيش ڪيا. شرڪت ڪندڙن شاگردن جي خوبصورت پروفارمنس، حب الوطني ۽ تخليقي صلاحيتن جي تعريف ڪئي. اسڪول جي ٻارن قومي جهنڊا ۽ بينرز کڻي واڪ ڪري وطن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو.












