اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 12 ربيع الاول جي برڪتن ۽ خوشين واري ڏينهن تي پوري قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي تاريخي ۽ يادگار موقعو مسلمان امت جي لاءِ نه رڳو خوشي ۽ عقيدت جو سبب آهي پر پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي نبي ڪريم ﷺ جي تعليم موجب گذارڻ جو وچن به آهي، هن 12 …
انتهاپسندي، ناانصافي، معاشرتي ڇڪتاڻ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي بي قابو رجحانن جهڙن چئلينجن جو حل سيرت مصطفيٰ ﷺ جي روشني ۾ ڳولڻو آهي: صدر آصف علي زرداري
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري 12 ربيع الاول جي برڪتن ۽ خوشين واري ڏينهن تي پوري قوم ۽ مسلمان امت کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته هي تاريخي ۽ يادگار موقعو مسلمان امت جي لاءِ نه رڳو خوشي ۽ عقيدت جو سبب آهي پر پنهنجي انفرادي ۽ اجتماعي زندگين کي نبي ڪريم ﷺ جي تعليم موجب گذارڻ جو وچن به آهي، هن 12 ربيع الاول سان گڏوگڏ نبي اڪرم ﷺ جي ولادت کي 1500 سال مڪمل ٿيڻ جي سعادت اسان کي اهو پيغام ڏي ٿي ته اسان نبي اڪرم ﷺ جي عطا ڪيل آفاقي اصولن، عدل، رحمت، اخوت ۽ امن کي پنهنجي معاشرتي، سياسي ۽ تهذيبي ڍانچن ۾ لاڳو ڪريون، هي ڏينهن پوري دنيا جي مسلمانن کي هڪ اهڙي رشتي ۾ ڳنڍي ٿو جيڪو ايمان جي بنياد تي قائم آهي ۽ جنهن جو محور رڳو رسول رحمت ﷺ جي ذات گرامي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران 12 ربيع الاول جي موقعي تي جاري پنهنجي خصوصي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته ان ڏس ۾ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ متفقه قراردادن جي ذريعي ان تاريخي موقعي کي قومي سطح تي يادگار طريقي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو پوري قوم جي نبي رحمت ﷺ سان والهاڻي محبت ۽ عقيدت جو مظهر آهي. وڌيڪ اهو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) پڻ سرڪار ڪائنات ﷺ جي ولادت مبارڪ کي 1500 سال مڪمل ٿيڻ تي هن سال کي يادگاري سال قرار ڏئي پوري امت کي ان رحمت جي پيغام جي ويجهو ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت طيبه اسان کي اهو سيکاري ٿي ته عدل ۽ انصاف، رحم ۽ ڪرم، اخوت ۽ برابري ۽ احترام انسانيت هڪ صالح معاشري جو بنياد آهن، اڄ جڏهن دنيا انتهاپسندي، ناانصافي، معاشرتي ڇڪتاڻ ۽ ڊيجيٽلائيزيشن جي بي قابو رجحانن جهڙن چئلينجن ۾ ورتل آهي، اسان کي سيرت مصطفيٰ ﷺ جي روشني ۾ انهن مسئلن جو حل ڳولڻو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته مسلمان امت ۽ پاڪستان اڄ جن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن انهن جو حل نبي اڪرم ﷺ جي تعليم ۾ لڪل آهي، انهن اسان کي اتحاد، محبت ۽ ڀائيچاري جي تلقين ڪئي ۽ اهي ئي اهي اصول آهن جيڪي اسان کي معاشرتي ۽ اقتصادي مسئلن مان ڪڍي سگهن ٿا. صدر چيو ته اچو اسان ان موقعي تي اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي اختلافن کي وساري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي لاءِ متحد ٿي ڪم ڪنداسين. صدر چيو ته نبي اڪرم ﷺ سدائين ڪمزورن، يتيمن ۽ ضرورتمندن جي مدد جو درس ڏنو، اسان جي ذميواري آهي ته اسان نبي پاڪ ﷺ جي ان عمل کي اختيار ڪريون. هن چيو ته اسان ڏسي رهيا آهيون ته ملڪ هن وقت موسمياتي تبديلين جي شديد اثرن کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جون تباهيون ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. صدر چيو ته ان هنگامي صورتحال ۾ حڪومت، مقامي انتظاميا ۽ امدادي ادارن جون گڏيل ڪوششون جاري آهن ته جيئن جلد کان جلد متاثرين جي حفاظت ۽ بحالي ممڪن ٿي سگهي، هي ئي اهو موقعو آهي جڏهن اسان ٻنهي جهانن جي سرڪار جي سيرت طيبه مان سبق سکندي پنهنجي ماڻهن جي کليل دل سان مدد ڪري انهن جي بحالي کي جلد کان جلد ممڪن بڻايون ڇو ته نبي اڪرم ﷺ به هر حال ۾ ٻين جي مدد ۽ ڀلائي جي لاءِ ڪوششون ڪندا رهندا هئا. صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو! اسان هن مبارڪ موقعي تي وچن ڪريون ته نبي اڪرم ﷺ جي تعليم کي پنهنجي زندگي جو حصو بڻائينداسين ۽ ان جي روشني ۾ پنهنجي معاشري کي برابري ۽ امن جو گهوارو بنائينداسين، منهنجي دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان سڀني کي نبي ڪريم ﷺ جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.












