اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيرت طيبه ﷺ کي هر دور ۾ رهنمائي جو سرچشمو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي محبوب نبي ڪريم ﷺ جي تعليم کي پنهنجي آئين، قانون ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. 12 ربيع الاول جشن ولادت رسول الله ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو …
سيرت طيبه ﷺ هر دور ۾ رهنمائي جو سرچشمو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيرت طيبه ﷺ کي هر دور ۾ رهنمائي جو سرچشمو قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي محبوب نبي ڪريم ﷺ جي تعليم کي پنهنجي آئين، قانون ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. 12 ربيع الاول جشن ولادت رسول الله ﷺ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 12 ربيع الاول جي ڏينهن اڄ کان 1500 سال اڳ مڪي جي سرزمين ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ جي ولادت باسعادت ظلمن کي نور ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ انسانيت کي عدل، رحمت، برابري ۽ وحدت جون نيون راهون ڏيکاريون، هلندڙ سال پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ سال رحمت اللعالمين ﷺ جي سال جي طور تي ملهايو پيو وڃي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون قراردادون جن موجب نبي مڪرم ﷺ جي 1500هين ولادت باسعادت جي ڏهاڙي کي سڄي ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ان ڳالهه جي گواهه آهن ته اسان بحيثيت قوم پنهنجي محبوب نبي ﷺ جي تعليم کي پنهنجي آئين، قانون ۽ اجتماعي زندگي جو حصو بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ جي حيات طيبه هڪ ڪامل ۽ همه جهت اسوه آهي، حڪومت ۽ سياست هجي، عدل ۽ انصاف، معيشت ۽ واپار يا معاشرتي قدر، سيرت طيبه اسان جي لاءِ هر دور ۾ رهنمائي جو سرچشمو آهي، قران اسان کي واضح لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته ”توهان جي لاءِ الله جي رسول ﷺ ۾ بهترين نمونو آهي، هر ان شخص جي لاءِ جيڪو الله ۽ آخرت جي ڏهاڙي جي اميد رکي ٿو.“ وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن دنيا تيزي سان بدلجي رهي آهي، جديد ٽيڪنالاجي سان رابطن ۾ تيزي ۽ فاصلا سُڪڙجي ويا آهن، اهڙي وقت ۾ اسان کي پنهنجي نئين نسل کي خير، علم ۽ امن طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ انهن کي حيات طيبه ﷺ کان روشناس ڪرائڻو پوندو، نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان کي اها تعليم ڏي ٿي ته زبان ۽ ڪلمه خير ۽ ڀلائي جي لاءِ استعمال ٿئي، ان لاءِ اسان کي نئين نسل کي جدت سان گڏوگڏ اخلاقيات جا لازوال اصول جيڪي نبي آخرالزمان حضرت محمد ﷺ امت جي لاءِ واضح ڪيا، انهن تي عمل پيرا ٿيندي انهن جي محبت، ڀائيچاري ۽ امن جي پيغام کي دنيا تائين پهچائڻ جي ترغيب ڏيڻي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي پاڪستان کي سيرت طيبه جي عملي تعبير بڻائڻو آهي، تعصب، فرقيواريت، انتهاپسندي ۽ نفرت جي هر شڪل کي رد ڪرڻو آهي ۽ ڀائيچاري، ايثار ۽ اتحاد کي فروغ ڏيڻو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي درپيش مسئلن، ڀلي اهي معاشي هجن يا سماجي، انهن جو پائيدار حل انهي وقت ممڪن آهي جڏهن اسان نبي اڪرم ﷺ جي تعليم کي پنهنجي قومي ڪردار جو حصو بڻايون. وزيراعظم سڀني کي دعوت ڏني ته اڄ جي ڏينهن ان وچن جي تجديد ڪريون ته اسان سڀ پاڪستان کي سيرت النبي ﷺ جي سنهري اصولن تي قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، اسان جي پاليسين جو مقصد برابري، غربت جو خاتمو ۽ علم ۽ تحقيق جو فروغ آهي ته جيئن پاڪستان حقيقي معنيٰ ۾ هڪ اسلامي فلاحي رياست بڻجي سگهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ پاڪستان کي سدائين سلامت رکي، اتحاد ۽ ٻڌي عطا فرمائي ۽ اسان کي نبي ڪريم ﷺ جي محبت ۽ اطاعت ۾ زندگي گذارڻ جي توفيق ڏي.












