پاڪستان جو دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي تاريخ جو هڪ حوصلي جوڳو باب آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي تاريخ جو هڪ حوصلي جوڳو باب آهي، ان ڏينهن اسان هڪ فخر جوڳي قوم جي طور تي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ ثابت قدم عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن سدائين پنهنجي سرحدن جو مضبوط ايمان ۽ بي مثال بهادري سان دفاع ڪيو. …

اسلام آباد – 06 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جو دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو اسان جي تاريخ جو هڪ حوصلي جوڳو باب آهي، ان ڏينهن اسان هڪ فخر جوڳي قوم جي طور تي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج ۽ ثابت قدم عوام کي زبردست خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن سدائين پنهنجي سرحدن جو مضبوط ايمان ۽ بي مثال بهادري سان دفاع ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته 1965ع جي قربانين جو جذبو هڪ لازوال روشني بڻجي چڪو آهي جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن کي هر آزمائش ۽ چئلينج دوران رهنمائي فراهم ڪري ٿو، هن سال 6 سيپٽمبر معرڪه حق جي ڪري خاص اهميت رکي ٿو،  جيئن 1965ع ۾ اسان جي بهادر فوج بي مثال حوصلي ۽ فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو، اهڙي طرح مئي 2025ع ۾ ڀارت جي خلاف آپريشن ”بُنيان المرصوص“ دوران اسان جي بهادر فرزندن هڪ ڀيرو ٻيهر بي مثال جرئت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪيو، ان جي پيشيواراڻي مهارت، جنگي صلاحيتون ۽ زميني، فضائي ۽ سامونڊي سطح تي جنگ جون تياريون اهو ثابت ڪن ٿيون ته پاڪستان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو آهي، ڇو ته ان جو بنياد عوام جي ازلي جذبي ۽ هٿياربند فوج جي اڻٿڪ عزم تي آهي. هن چيو ته بطور سپريم ڪمانڊر آئون پاڪستان جي دفاعي صلاحيتن کي مسلسل اپ گريد ڪرڻ ۽ جديد بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، هن دور ۾ جتي هائبرڊ ۽ پنجين نسل جي جنگين، غلط معلومات، پروپئگنڊه ۽ نفسياتي آپريشنز کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، اهو ضڙوري آهي ته اسان نه رڳو پنهنجي فوجي طاقت کي وڌايون پر پنهنجي معلومات نظام کي پڻ مستحڪم ڪريون. صدر چيو ته رياست جي ٿنڀ ۽ عوام خاص طور تي اسان جي نوجوان نسل کي انهن جديد خطرن جو مقابلو حڪمت، استقامت ۽ اتحاد سان ڪرڻ جي لاءِ متحد رهڻو پوندو. صدر چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جو پراڻو تڪرار خطي ۾ عدم استحڪام جي پاڙ آهي، ان جو منصفاڻو حل، جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب هجي، خطي ۾ امن جو واحد رستو آهي. وڌيڪ اهو ته فلسطين جي دل ڏکوئيندڙ سانحي اسان کي فلسطيني عوام جي خلاف نسل ڪشيءَ ۽ ظلمن جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، دنيا کي فلسطين جي آزاد رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ مضبوط موقف اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، ڇو ته اهو ئي وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جو واحد رستو آهي. صدر آصف علي زرداري چيو ته اچو! آخر ۾ هن دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي اهو وچن ڪريون ته اسان ثابت قدم، باهمت ۽ متحد رهنداسين ته جيئن شهيدن جي قربانين کي توقير ملي، اسان جو دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو رهي ۽ اسان جي ايندڙ نسلن کي هڪ مضبوط، خوشحال ۽ پرامن پاڪستان ورثي ۾ ملي، شهيدن جا خاندان اسان جي عزت آهن ۽ غازين جون قربانيون اسان جي مقدس امانت آهن، سيپٽمبر جو جذبو سدائين اسان جي هٿياربند فوج جي بي خوفي ۽ اسان جي قوم جي استقامت ۾ جهلڪي ٿو، ڪو به چئلينج اسان کي خودداري ۽ خودمختياري جي رستي تان هٽائي نه ٿو سگهي. پاڪستان جي هٿياربند فوج زندهه آباد، پاڪستان پائنده آباد.