اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 سيپٽمبر کي قومي تاريخ ۾ بهادري، اتحاد ۽ عزم جي علامت قرار ڏنو ڏيندي چيو آهي ته 60 سال اڳ اسان جي بهادر هٿياربند فوج دشمن جي جارحاڻن ارادن کي ناڪام بڻائيندي ثابت ڪيو ته اهي ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. معرڪه حق ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي …
وزيراعظم پاران 6 سيپٽمبر قومي تاريخ ۾ بهادري، اتحاد ۽ عزم جي علامت قرار
اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 6 سيپٽمبر کي قومي تاريخ ۾ بهادري، اتحاد ۽ عزم جي علامت قرار ڏنو ڏيندي چيو آهي ته 60 سال اڳ اسان جي بهادر هٿياربند فوج دشمن جي جارحاڻن ارادن کي ناڪام بڻائيندي ثابت ڪيو ته اهي ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. معرڪه حق ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اسان جي هٿياربند فوج ۽ عوام جارحيت جي خلاف شيهي جي ديوار بڻجي دشمن جي غرور کي چيڀاٽي هڪ نئين تاريخ رقم ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب 6 سيپٽمبر تي دفاع ۽ شهيدن جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ ۾ بهادري، اتحاد ۽ عزم جي ڏينهن طور تي نقش ٿيل آهي. سٺ سال اڳ اسان جي بهادر هٿياربند فوج، عوام جي مڪمل حمايت سان، دشمن جي جارحيت کي ناڪام بڻايو ۽ ثابت ڪيو ته پاڪستاني هڪ بهادر قوم آهن جيڪي پنهنجي خودمختياري ۽ سالميت جي حفاظت جي مڪمل صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته 1965ع جو ناقابل تسخير جذبو اڄ به زنده آهي. معرڪه حق جي تازي ويڙهه ۾ اسان جون هٿياربند فوجون ۽ ماڻهو هڪ ڀيرو ٻيهر ٻاهرين جارحيت جي خلاف شيهي جي ديوار وانگر گڏ بيٺا هئا. وزيراعظم چيو ته اسان جي هٿياربند فوج، بشمول بحري ۽ هوائي فوج بي مثال پيشيورانه صلاحيت، جديد جنگي صلاحيتن ۽ چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اسٽريٽجڪ ويزن ذريعي پنهنجي پرعزم قوت سان دشمن جي غرور کي خاڪ ۾ ملائيندي نئين تاريخ رقم ڪئي. اڄ اسان پنهنجي بهادر شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن اسان جي وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون. هن غازين کي به خراج تحسين پيش ڪيو جن جي جرئت ايندڙ نسلن لاءِ هڪ مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پرامن بقاءِ باهمي ۽ دنيا سان تعميري رابطي جي پاليسي تي پرعزم آهي، پر اسان مسلسل ڀارتي اشتعال انگيزين ۽ بدلجندڙ علائقائي تناظر جيڏس ۾ پنهنجي دفاع کان غافل نه ٿا رهي سگهون. اسان پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي مضبوط ۽ جديد بڻائڻ سان گڏوگڏ رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۽ اسان جي سرحدن اندر سرگرم پرڏيهي پراڪسي جي ٻٽي خطري جو مقابلو ڪندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجي ثابت قدمي ۽ قربانين سان فتنه الخوارج ۽ فتنه الهندستان جي لعنت کي ختم ڪرڻ ۾ تمام گهڻي اڳڀرائي ڪئي آهي، قوم هن مشن جي مڪمل ٿيڻ تائين انهن سان مضبوطي سان گڏ بيٺي آهي. اڄ اسان ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان پنهنجي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪي ڏهاڪن کان وحشيانه رياستي دهشتگردي برداشت ڪري رهيا آهن، انهن جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت سان دٻائي نٿو سگهجي. وزيراعظم چيو ته اسان فلسطين ۾ جاري ظلمن جي به سخت مذمت ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري تي زور ڏيون ٿا ته هو اسرائيلي جارحيت کي ختم ڪرڻ عام ماڻهن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ غزه جي ماڻهن کي ضروري انساني امداد جي بي ترتيب فراهمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم چيو ته قومي دفاع معاشي استحڪام کان سواءِ ممڪن نه آهي، اسان ذاتي اختلافن کان ڇڏي ڪري ۽ اجتماعي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندي پائيدار خوشحالي ۽ پاڻڀرائپ حاصل ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته دفاع ۽ شهيدن جي ڏينهن تي اسان کي قائداعظم جي ايمان، اتحاد ۽ نظم ۽ ضبط جي لازوال اصولن سان پنهنجي وابستگي جي تجديد ڪرڻ گهرجي ۽ هڪ محفوظ، متحد ۽ خوشحال پاڪستان جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي پنهنجي جذبي جو وچن ورجائڻو پوندو.












