آمريڪا جي آرمي سينٽرل ڪمانڊ ذريعي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان کڻي پهرين اڏام پاڪستان پهچي وئي

راولپنڊي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا آرمي سينٽرل ڪمانڊ ذريعي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر آبادي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪئي آهي، امدادي سامان کڻي پهرين اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آمريڪا کان ڪل 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون، جن ۾ خيما، پاڻي ڪڍندڙ مشينون (ڊي واٽرنگ پمپس) ۽ جنريٽرز سميت ٻيو ضروري سامان شامل آهي. پهرين …

راولپنڊي-06 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا آرمي سينٽرل ڪمانڊ ذريعي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثر آبادي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي امداد فراهم ڪئي آهي، امدادي سامان کڻي پهرين اڏام پاڪستان پهچي وئي آهي. آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب آمريڪا کان ڪل 6 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون، جن ۾ خيما، پاڻي ڪڍندڙ مشينون (ڊي واٽرنگ پمپس) ۽ جنريٽرز سميت ٻيو ضروري سامان شامل آهي. پهرين اڏام ڪالهه پاڪستان پهتي. آمريڪي ناظم الامور ۽ ڪمانڊر آرمي سينٽرل ڪمانڊ شروعاتي امدادي سامان جي وصولي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ هي سامان باضابطه طور پاڪ فوج حوالي ڪيو ويو. هي امدادي سامان پاڪ فوج جي ٻوڏ متاثر ڪيمپن ۾ منتقل ڪيو ويندو، جتان ان کي ٻوڏ متاثر ماڻهن ۾ ورهايو ويندو.