دفاع جو ڏهاڙو اسان جي قومي تاريخ جو روشن ۽ سنهري باب آهي: سردار اياز صادق

اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم دفاع جي موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته  6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو روشن ۽ سنهري باب آهي، 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب سردار اياز صادق چيو ته پاڪ …

اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق يوم دفاع جي موقعي تي 1965ع جي جنگ جي شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته  6 سيپٽمبر اسان جي قومي تاريخ جو روشن ۽ سنهري باب آهي، 1965ع جي جنگ ۾ پاڪ فوج دشمن جي ناپاڪ ارادن کي مٽيءَ ۾ ملايو. ڪالهه جاري ڪيل بيان موجب سردار اياز صادق چيو ته پاڪ فوج 1965ع ۾ جرئت ۽ بهادري جون لازوال داستانون لکيون، پاڪستان فتح نه ٿيڻ جوڳو قلعو آهي، دشمن ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت به نٿو ڪري سگهي. سردار اياز صادق چيو ته يوم دفاع اسان کي شهيدن ۽ غازين جي قربانين جي ياد ڏياري ٿو، قوم پنهنجي جانثارن ۽ غازين کي سلام پيش ڪري ٿي. هن چيو ته شهيدن جون لازوال قربانيون تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ لکيون وينديون، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون بي مثال قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن. قدرتي آفتن ۾ پاڪ فوج هميشه هر اول جٿي جو ڪردار ادا ڪيو، پاڪ فوج دهشتگردي جي خاتمي ۽ امن جي قيام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ڀارت جي اڳرائي جي جواب ۾ حق جي ويڙهه قومي تاريخ جو روشن باب آهي. اسپيڪر اياز صادق چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪ فوج جي جرئت، قرباني ۽ صلاحيتون سڄي دنيا ۾ بي مثال رهيون آهن. پاڪستاني عوام حق جي ويڙهه ۾ قومي يڪجهتي ۽ ثابت قدمي جو شاندار مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج حق جي ويڙهه ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو، قومي يڪجهتي ۽ عسڪري قيادت جو مضبوط رشتو پاڪستان جو اصل هٿيار آهي. اسان جي هٿياربند فوج اڄ به ناقابل شڪست آهي، اهو ئي جذبو پاڪستان جي استحڪام جي ضمانت آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سپهه سالار جنرل عاصم منير جي قيادت کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جنرل عاصم منير جي پاڪ فوج کي حاضر دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، شهيد اسان جا حقيقي هيروز آهن، انهن جون قربانيون هميشه ياد رکيون وينديون، اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي، ملڪ جي ترقي، سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خصوصي دعا ڪئي.