اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيدميلادالنبيﷺ جي موقعي تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت انسانيت لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو آهي، رحمت، محبت ۽ رواداري جي 1500 سال جي آمد رحمت جو سبب آهي. جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه دنيا لاءِ رحمت، هدايت ۽ …
نبي ڪريم ﷺ جي سيرت انسانيت لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو آهي: سردار اياز صادق
اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق عيدميلادالنبيﷺ جي موقعي تي مسلمان امت کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته نبي ڪريم ﷺ جي سيرت انسانيت لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو سرچشمو آهي، رحمت، محبت ۽ رواداري جي 1500 سال جي آمد رحمت جو سبب آهي. جاري بيان موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڻ ﷺ جي سيرت طيبه دنيا لاءِ رحمت، هدايت ۽ اعليٰ اخلاق جو سرچشمو آهي، 1500 سالا جشن رحمت، محبت ۽ رواداري مسلمان امت لاءِ فخر جوڳو آهي، نبي ڪريم ﷺ کي سمورن جهانن لاءِ سراپا رحمت بڻايو، پاڻ ﷺ جي سيرت هر دور جي انسان لاءِ بهترين رهنمائي فراهم ڪري ٿي، پرامن معاشري لاءِ امانت، ديانت، عدل ۽ خدمت خلق اختيار ڪرڻ ضروري آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ عوام جي اميدن جو مرڪز آهي، قانونسازي ۾ سيرت نبوي ﷺ جي روشني مان رهنمائي وٺڻ اڻٽر آهي. اسپيڪر چيو ته نوجوان نسل کي سيرت رسول ﷺ کان روشناس ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، سنت نبوي ﷺ تي عمل سان ئي نوجوان اعليٰ ڪردار ۽ اسلامي قدرن جا امين بڻجي سگهن ٿا. عيدميلادالنبي ﷺ عهد جي تجديد ۽ خود احتسابي جو ڏينهن آهي، عيدميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي ٻوڏ متاثرن کي نه وسارڻ گهرجي، ٻوڏ متاثر پنهنجا گهرٻار، چوپائي مال ۽ روزگار کان محروم ٿيا آهن، ٻوڏ متاثرن سان يڪجهتي ۽ مدد سڀني جي ذميواري آهي، پارليامينٽ جا ميمبر اختلاف وساري قوم جي رهنمائي ڪن. قوم نبي ڪريم ﷺ جي تعليم تي عمل ڪري ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪري.












