اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم ولادت ٻنهي جهانن جي سرڪار خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ٻنهي جهانن جي سردار خاتم النبيين ﷺ جو جشن والادت گذريل ڏينهن انتهائي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، سڄي ملڪ ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ …
يوم ولادت ٻنهي جهانن جي سرڪار خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن جي سلامي
اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم ولادت ٻنهي جهانن جي سرڪار خاتم النبيين حضرت محمد ﷺ جي موقعي تي پاڪ فوج طرفان وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. ٻنهي جهانن جي سردار خاتم النبيين ﷺ جو جشن والادت گذريل ڏينهن انتهائي مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو، سڄي ملڪ ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون. يوم ولادت رسول ﷺ جي موقعي تي صبح سويري پاڪ فوج طرفان چئني صوبائي گادي وارن هنڌن ۾ 21 جڏهن ته وفاقي گادي واري هنڌ ۾ 31 توپن جي سلامي ڏني وئي. سلامتي کانپوءِ پاڪ فوج جي جوانن نعره تڪبير بلند ڪيو ۽ فضا الله اڪبر ۽ پاڪ فوج زنده باد جي نعرن سان گونجي اٿيو. 12 ربيع الاول جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هر طرف روشنيون ڪيون ويون. ميلاد جي محفلن ۾ حضور ﷺ جي خدمت ۾ عقيدت جا گل نڇاور ڪيا ويا ۽ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ جي خدمت ۾ درودن ۽ سلامن جا گلدستا پيش ڪيا ويا.












