اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر نئون ملي نغمو الله هو جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري گلوڪار ساحر علي بگا جي آواز ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جي يڪجهتي ۽ وطن سان بي مثال وفا جو عظيم داستان بيان ڪري ٿو. نغمي ۾ پاڪ فوج جي بهادري ۽ پاڪستاني قوم جي جذبي کي خراج تحسين …
يوم دفاع جي موقعي تي آءِ ايس پي آر جو نئون نغمو ”الله هو“ جاري
اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) يوم دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي شعبي آءِ ايس پي آر نئون ملي نغمو الله هو جاري ڪري ڇڏيو. ناليواري گلوڪار ساحر علي بگا جي آواز ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جي يڪجهتي ۽ وطن سان بي مثال وفا جو عظيم داستان بيان ڪري ٿو. نغمي ۾ پاڪ فوج جي بهادري ۽ پاڪستاني قوم جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي ۽ نغمي ۾ ”الله هو“ جي گونج ۾ دشمن لاءِ للڪار ۽ وطن سان محبت جو پيغام پڻ آهي. نغمي ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي وطن جي دفاع جي شاندار عڪاسي سان گڏوگڏ بهادري، قرباني ۽ وطن جي وقار جو دلڪش ميلاپ شامل آهي. نغمي ذريعي سرحدن جي محافظ پاڪ فوج جي جانبازن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو آهي. رليز ڪيل نغمي ۾ آسمانن جي نگهبان پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت ۽ جرئتمنداڻي ڪردار کي به اجاگر ۽ ملڪ جي سامونڊي حدن جي پاسبان پاڪ بحريه جي شاندار ڪارنامن کي ساراهيو ويو. آءِ ايس پي آر جو جاري ڪيل نئون ملي نغمو قرباني، تجديد ۽ عهد وفا جو مثال آهي.












