اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) حق جي ويڙهه ۾ هر محاذ تي ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيندڙ جانباز هيروز کي سلام، پاڪستان نيوي جي جانباز پٽن آپريشن بنيان مرصوص ۾ سامونڊي حقن جو ڪامياب دفاع ڪري تاريخ لکي آهي، حق جي ويڙهه جي شاندار ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پاڪستان نيوي جي وائيس ايڊمرل راجا ربنواز (ستاره بسالت) چيو آهي ته هاڻوڪي حق جي ويڙهه …
حق جي ويڙهه جي هيروز کي سلام، پاڪستان نيوي جو شاندار ڪردار
اسلام آباد-06 سيپٽمبر (اي پي پي) حق جي ويڙهه ۾ هر محاذ تي ملڪي دفاع کي مضبوط بڻائڻ ۽ دشمن کي شڪست ڏيندڙ جانباز هيروز کي سلام، پاڪستان نيوي جي جانباز پٽن آپريشن بنيان مرصوص ۾ سامونڊي حقن جو ڪامياب دفاع ڪري تاريخ لکي آهي، حق جي ويڙهه جي شاندار ڪاميابين جو ذڪر ڪندي پاڪستان نيوي جي وائيس ايڊمرل راجا ربنواز (ستاره بسالت) چيو آهي ته هاڻوڪي حق جي ويڙهه ۽ آپريشن بنيان المرصوص دوران پاڪستان نيوي جي سمورن آپريشنز جي مون چيف آف ڊي نيول اسٽاف جي اسٽريٽجڪ رهمنائي ۾ سڌي ريت نگراني ڪئي. هن چيو ته الحمد الله، پاڪستان نيوي مڪمل طور تيار هئي ۽ اسان جا شپس، ايئر ڪرافٽس ۽ ميرينز پنهنجين پنهنجين ذميوارين تي موثر انداز ۾ مقرر هئا. وائيس ايڊمرل وڌيڪ چيو ته اسان دشمن کي موثر طريقي سان ڊيٽر ڪيو جيتوڻيڪ هو پاڻ کي سامونڊي طاقت ۾ اڳڀرو سمجهندا هئا پر ڪنهن به قسم جي مهم جوئي جي جرئت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته پاڪستان نيوي وطن جا سامونڊي مفاد محفوظ بڻايا ۽ سامونڊي حدن جو ڀرپور دفاع ڪيو، هن چيو ته منهنجو قوم کي پيغام آهي ته پاڪستان نيوي جي تياري هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ وڌيڪ بهتر ٿيندي ۽ انشاءُ الله هر موقعي تي سامونڊي حدن جو دفاع ڪندي، هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر پٽن تي فخر ڪري ٿي جيڪي پنهنجي جان هٿ جي تري تي رکي وطن جي حرمت لاءِ اڳڀرا آهن.












